ظفر پياروي
ڪھاڻيڪار، نثر نويس ۽ صحافي ظفر احمد لھٻر (ظفر پياروي) جو جنم 10 مارچ 1982 تي حاجي غلام رسول لھٻر جي گھر دادو ضلعي جي شھر پيارواسٽيشن ۾ ٿيو. سندس والد ھڪ فقير صفت ۽ محنت ڪش انسان ھيو. ظفر پياروي ابتدائي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول خان محمد آباد پيارواسٽيشن ۽ مئٽرڪ انگلش ميڊيم ھائي اسڪول دادو شگر ملز پيارواسٽيشن مان جڏھن ت انٽر ھائير سيڪنڊري اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان حاصل ڪئي ان کان علاوہ ھن بي اي ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر جي ڊگري استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان حاصل ڪئي ۽ وڪالت جي ڊگري (ايل ايل بي) پير الاھي بخش لا ڪاليج دادو مان حاصل ڪئي. ھن لکڻ جي شروعات 1998 کان ڪئي، سندس مواد مختلف اخبارن جي ادبي صفحن ۽ رسالن ۾ ڇپيو. شروعات ۾ شاعري جي صنف ۾طبع آزمائي بہ ڪيائين ليڪن پو۽ نثر لکڻ شروع ڪيائين . سندس جون ڪھاڻيون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۽ مئگزينس ۾ شايع ٿيا کيس 2002 ۾ ڪاوش پبليڪيشن جي ماھورا ڇپجندڙ رسالي ھالار ۽ سنڌ رنگ طرفان بھترين ڪھاڻيڪار ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ صحافتي فيلڊ ۾ بہ روزاني تعميرسنڌ اخبار ۾ رپورٽر طور ڪم ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ 2020 ۾ ڪھاڻين جو مجموعو ( ڀرندڙ وجود) پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن جو بنياد وڌائين ۽ شاخ جو پھريون فائونڊر سيڪريٽري چونڊيو ويو.
- جنم: 1982-03-10
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل