رياض ڪلهوڙو

رياض ڪلهوڙو، نئين ديري جي نوجوان ٽھيء مان اڀرندڙ وھائو تارو آھي، جيڪو علم جو روشن ڏيئي جي لاٽ سان جھالت جي ٻاٽ اوندہ کي مات ڏيڻ واري پنڌ جو پانڌيئڙو آھي. سندس جنم خميس، پھرين جُون 1989ع تي غلام يحيٰ ڪلهوڙي جي گهر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم نئين ديري مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 2004ع ۽ انٽر 2006ع ۾ گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج، نئين ديري مان پاس ڪيائين. بي اي 2013ع ۾ ۽ ايم اي (سنڌي ادب) 2015ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اتي ئي سنڌي شعبي ۾ ايم فل جي داخلا ويتائين، جتان 2021ع ۾ ڊاڪٽر مھر خادم جي نگرانيءَ ۾ ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سنڌيءَ ۾ لکيل مقدمن جو اڀياس“، جي موضوع تي ڊگري حاصل ڪري ڄامشورو ڏانهن پي ايڇ ڊي جي وک وَڌايائين. پاڻ هن وقت ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اصطلاح ۽ محاورن جو تنقيدي اڀياس“، جي موضوع تي ڊاڪٽر فياض لطيف جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. 

رياض ڪلھوڙي، علم واري سوچ جي لوچ کي ھٿان نه ڇڏيو. ھن علم جي جوت کي جاري رکڻ لاء نئين ديري ۾ گلوريئس پبلڪ اسڪول جي نالي سان اسڪول به کوليو، جيڪو ھن وقت به جاري ساري آھن. هي نوجوان پنھنجي علمي سفر ۾ بنا ساھي پٽڻ جي ھلندو رھيو. رياض ڪلھوڙي جا ٽيهارو کن تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا پڻ ڇپجي چڪا آهن. هي نوجوان، نئين ديري جي چند پھرين نوجوانن ۾ شامل آهي، جن ڄڻ پينگهي کان وٺي علم حاصل ڪرڻ واري فرمان تي پوريء طرح عمل ڪيو آهي. رياض ڪلھوڙي پنھنجي علمي واڌ ويجھ لاء ڪتاب ۽ قلم ٻنھي کي استعمال ڪيوآھي. 

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image