محمد پناھ ڦرڙو

Author Name

محمد پناهه ڦرڙو جو جنم سنڌ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو، تعلقو محرابپور، خانواهڻ ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي وچ واري علائقي ديهه ديهات، ضلعي نوشهري فيروز ۾ محمد سليمان ڦرڙو جي گھر ۾ ۱۰ فيبروري ۱۹۳۶ع تي ٿيو.

تعليمي قابليت

1.     محمد پناهه ڦرڙي بنيادي پرائمري تعليم۱۹۴۲ع ڳوٺ گاهي خان جلباڻيءَ مان حاصل ڪئي.
2.     سنڌي فائنل ۱۹۵۰ع ‘سنڌي شعبو’  ايڊيوڪيشن بورڊ سنڌ مان حاصل ڪئي.
3.     سنڌي اديب ۱۹۵۸ع ‘سنڌي شعبو’ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
4.     سنڌي عالم ۱۹۵۹ع ‘سنڌي شعبو’سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
5.     سنڌي اديب فاضل ۱۹۶۷ع ‘سنڌي شعبو’ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
6.     بي.اي اڪنامڪس  ۱۹۷۲ع  سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
7.     ايم. اي سنڌي ۱۹۷۵ع ‘سنڌي شعبو’ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
8.     ايم.فل ۱۹۸۸ع ‘سنڌي شعبو’سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

محمد پناھ ڦرڙي پاران پاس ڪيل امتحان.

1.     هڪ سال جي.وي (J.V) ٽريننگ ۱۹۶۰ع مٺياڻي
2.     ٻه سال ايس.وي (S.V)  ٽريننگ ۱۹۶۱ع  مٺياڻي
3.     سنڌي ٽائپ رائيٽر ۱۹۶۵ع ايڊيوڪيشن بورڊ سنڌ

علمي ادبي خدمتون:

1.     پرائمري استاد ۱۹۵۱ع کان ۱۹۸۵ع تائين.
2.     ڊائريڪٽر الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۵ع تائين.
3.     ميمبر سنڌي ادبي سنگت ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ۱۹۷۵ع  (خانواهڻ شاخ).
4.     ڪارڪن سنڌي ڊڪشنري، لوڪ ادب اسڪيم سنڌ يونيورسٽي.
5.     ميمبر هسٽاريڪل سوسائٽي ضلعو نواب شاهه.
6.     ميمبر سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
7.     ميمبر سينيئر نشات جماعت درگاهه لواري شريف ضلعو بدين ۲۰۱۴ع کان فيبروري ۲۰۱۷ع تائين.
8.     ميمبر مئنيجنگ ڪاميٽي درگاهه لواري شريف ضلعو بدين (تاحيات).

محمد پناهه ڦرڙي جا ڇپيل ڪتاب

1       امواج محمدي۱۹۸۱ع (محمد فقير جي سوانح ۽ ڪلام) صوفي اڪيڊمي، ڳوٺ علي محمد ڦرڙو.
2       لواريءَ جا لال (اضافي تحقيق، سوانح حيات)  سيپٽمبر ۱۹۸۳ع لواري شريف مئنيجنگ ڪميٽي.
3       پير بادشاهه لواري شريف سوانح حيات (عرس اٺون) ۱۹۹۰ع نشاعت پبليڪيشن قاضي احمد ضلعو نوابشاهه.
4       پير بادشاهه (ڀاڱو ڏهون) ۱۹۹۲ع  مئنيجنگ ڪميٽي لواري شريف.
5       گلدسته لواري شريف (مختلف اديبن جا مقالا)    نوجوان اتحاد جماعت لواري شريف.
6       راحمي بادشاهه- (پير لواري) ڀاڱو چوٿون (سوانح حيات پير فيض محمد نقشبندي) ۱۹۹۹ع حضرت سلطان اولياء فائونڊيشن (رجسٽرڊ).
7       سووينيئر سيمينار سلطان اولياءُ ناجيه شاگرد تنظيم ‘نشات’ جماعت لواري شريف.
8       ڀارت ياترا (سفر نامو) ۲۰۰۱ع الڪبير اڪيڊمي، ڪوٽڙي محمد ڪبير.
9       هندي- سنڌي ڊڪشنري ۲۰۰۷ع سنڌ لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
10     سالياني رپورٽ ۱۹۶۰ع اخبار تعليم ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي. 
11     ٻڪريءَ تي تحقيقي مضمون جنوري ۱۹۶۰ع (پهريون نمبر آيل)   ڳوٺ سڌار ماهوار حيدرآباد.
12     سچل سرمست آشڪارا ۾ تحقيقي مقالو               
13      ناچڻي ۱۹۷۸ع ‘نجم عباسي’ جي ڪتاب تي لکيل تاثرات.

اڻ ڇپيل ڪتاب

1       ملفوظات سلطان اولياء خواجه محمد زمان (تصوف).
2       ابيات سنڌي، سلطان اولياء خواجه محمد زمان (تحقيقي شرح) بايوڊيٽا (قلمي نسخو) محمد پناهه ڦرڙو. 
3       صوفي مت جو سنڌي ادب تي اثر (ايم.فل مقالو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو).
4       حقيقت محمدين (تحقيق).
5       بياض پناهه/ پناهه جي شاعري/ پناهه ڏانهن پيغام (مڪتوبات).
6       سچل انسائيڪلوپيڊيا ڪلام ۾ ڪم آيل اِسمن جو ذڪر.
7       تاريخ لواري شريف (تحقيق).
8       شاعرانِ لواري شريف (حضرت سلطان اولياء کان موجوده دور تائين.

ادبي خدمتن تي مليل ايوارڊ

1      صدارتي ايوارڊ: ۱۹۸۷ع، اديبن جي اڪيڊمي اسلام آباد (ليکڪن جو اجتماع اسلام آباد).
2      سنڌي ٻولي ايوارڊ ۱۹۹۹ع جيپور ايوارڊ ڀارت (شاعرن جو اجتماع).
3      سنڌي اڪيڊمي ايوارڊ ۱۹۹۹ع شاهه سچل سيمينار ڀارت دهلي.
4      اجميري ايوارڊ ۱۹۹۹ع اجمير ڀارت ۾ (شاعرن جو اجتماع).
5      مصري شاهه ايوارڊ: نصرپور (مصري شاهه جي عرس جي موقعي تي).
6      ڀٽائي ايوارڊ: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي.
7      دادا ڀائي ايوارڊ ۱۹۸۶ع ڪراچي انٽرنيشنل سيمينار سلطان اولياء.
8      ٻه حمل ايوارڊ: ۹۰-۱۹۹۱ع، حمل فقير جي عرس تي ٻه ڀيرا.
9      تصوف جي تحريرن تي شيلڊ: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
10   لائف ٽائيم ايوارڊ ۲۰۱۶ع نشات تنظيم جماعت لواري شريف قاضي احمد.
11   ٻاراڻي ادب تي مليل انعام۱۹۶۰ع سنڌي ادبي بورڊ.
12   سنڌيانا تي ڪيل ڪم تي انعام۲۰۰۷ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
13   سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب تي مليل انعام: ۲۰۰۷ع، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.

محمد پناهه جو وصال ۰۸ فيبروري ۲۰۱۷ع مطابق ۱۰ جمادي الاول ۱۴۳۸ هه اربع جي ڏينهن ۰۲:۱۵ بجي منجھند جو گمبٽ جي سرڪاري اسپتال (دل واري وارڊ ۾ ٿيو) سندس عمر ۸۱ سال ۰۲ ڏينهن هئي. کيس صوفي محمد فقير ڦرڙو جي درگاهه جي احاطي ۾ دفنايو ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محمد پناھ ڦرڙو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


محمد پناھ ڦرڙو جا ڪتاب

ڀارت ياترا، مصنف : محمد پناھ ڦرڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڀارت ياترا
مصنف : محمد پناھ ڦرڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ