امير ابڙو

Author Name

امير ابڙو 15 ڊسمبر 1965 تي سنڌ جي شهر هالا ۾ پئدا ٿيو. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم هالا ۾ ئي حاصل ڪئي جڏهن تہ سول انجنئيرنگ لاءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيس. سول انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪي پي ٽي ۾ نوڪري ملي جتان پوءِ ڪجهه سالن جي تعليم کان پوءِ 2009 ۾ هو برطانيا هليو ويو جتي هو هاڻ لنڊن ۾ رهي ٿو. ڪي پي ٽي جي نوڪري دوران هن ناروي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس لکڻ پڙهڻ جو شوق ٻالڪپڻ کان هو جو سندس پهرين ڪهاڻي ‘ خوشبوءِ مهراڻ ‘ سروري جماعت جي هڪ رسالي هالڪنڊي ۾ شايع ٿي. سندس باقائده لکڻ جو آغاز ڪراچيءَ ۾ 1989 جي دوران ٿيو جتي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ دستوري گڏجاڻين ۾ شرڪت جي دوران هو ڪهاڻيون پيش ڪندو هو. اتان پوءِ هن اخبارن ۾ ڪالم لکڻ بہ شروع ڪيا.
2001 ۾ هن هڪ ادارو کوليو جنهن جو نالو انڊس پبلشرز رکيو جتان کان هو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جا ڪتاب شايع ڪندو هو. اتان ئي هن انگريزي رسالو انڊس پڻ شايع ڪيو. انهيءَ اشاعت جي دوران هن محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ تعليم جي کوٽ آهي تڏهن هن هڪ سماجي تنظيم رجسٽر ڪرائي جنهن جو نالو انڊس ايجوڪيشن فائونڊيشن رکيو. هن تنظيم هالا تعلقي جي ٻهراڙيءَ ۾ اسڪول کولڻ شروع ڪيا جيڪي هن وقت 33 جي تعداد ۾ آهن. هنن اسڪولن ۾ ٻهراڙيءَ جا 5000 ٻار پڙهن ٿا. هي اهي ٻار آهن جن کي تعليم جي سهوليت ميسر نہ هئي پر سندس اداري جي ذريڳي اها سهوليت مهيا ڪئي ويئي آهي. 
امير ابڙي برطانيا ۾ انهيءَ ساڳئي نالي سان سماجي تنظيم کولي آهي جيڪا پڻ ناڻو جمع ڪري سنڌ جي تعليم ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. 

امير ابڙي جا ڇپيل ڪتاب: 

1. هڪ ڪائنر جو موت (ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ)
2. ٻئي درجي جي زندگي (ڪالم ۽ مضمون )
3. عورت بنا سيارو      ( ناروي جو سفرنامو)  
4. لينڊ آف مڊنائيٽ سن  (ناروي جو سفرنامو انگريزي)
5. هسٽاريڪل انٽرويوز  (معتبر ماڻهن جا انٽرويو انگريزي)

امير ابڙي جا ايندڙ ڪتاب 

1. وڻجاري جي ڊائري (آتم ڪٿا)
2. روم تنهنجا روپ هزار (تاريخ ۽ سفرناما)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امير ابڙو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


امير ابڙو جا ڪتاب

ھڪ ڪانئر جو موت، مصنف : امير ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ھڪ ڪانئر جو موت
مصنف : امير ابڙو
عورت بنا سيارو، مصنف : امير ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
عورت بنا سيارو
مصنف : امير ابڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ