ايوب گاد

Author Name

مشهور ليکڪ، اداڪار ۽ زرعي ماهر ايوب گاد جو اصل نالو محمد ايوب گاد آهي. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1960ع تي لاڙڪاڻي ۾ غلام حيدر گاد جي گهر ۾ ٿيو. هن، شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. نفسيات ۾ بي. اي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ ڊرائنگ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري لاڙڪاڻي جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. پاڻ سٺو شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامہ نگار ۽ مصور هئڻ سان گڏ اداڪار۽ هدايتڪار بہ آهي. بحيثيت مصور سندس ٺاهيل تصويرون سنڌ آرٽسٽ گلڊ جي سھڪار سان مختلف وقتن تي نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون. شاھہ لطيف جي سورمين جون خيالي تصويرون بہ ٺاهيون اٿس.ان کانسواءِ هن جو ڀٽائيءَ جي ڪلام جي پسمنظر ۾ هڪ قسطوار پروگرام ’راڻل جي رهاڻ ‘ بہ نجي سنڌي چينل تان نشر ٿي چڪو آهي. موسيقي سان دلچسپي سبب هن 1994ع ۾  ’ڪنول‘ جي نالي سان آڊيو وڊيو پراڊڪشن ڪمپني جو بنياد رکي ڪافي گلوڪارن کي متعارف ڪرايو ۽ تمام خوبصورت گيت پيش ڪيا. سنڌي فنڪارن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ’موهن جو دڙو آرٽسٽ فورم‘ جو پڻ بنياد رکيو. ان کانسواءِ هن ’نيلم‘ نالي سان هڪ شوبز رسالو بہ جاري ڪيو. ”عيوضو“ نالي سان ڊراما سيريل ٺاهي، جيڪا ايس ٽي اين تان نشر ڪئي وئي. پاڪستان ٽيليويزن تان ڪيترائي ناٽڪ رنگ سلسلي جا ڪيترائي پروگرام پيش ڪيا. پي ٽي وي تي 13 قسطن تي مبني تصوف ۽ رومانس جي پسمنظر ۾ لکيل ڊرامہ سيريل ”مون ۾ تون موجود“ لکي، جنھن کي سميع بلوچ جي هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيو ويو. ڪي ٽي اين تان پھريين ڊرامہ سيريل ”انتظار گاھہ“ ۽ ”اوجاڳيل اکين جا خواب“  نہ صرف پاڻ لکيائين بلڪہ هدايتڪاري بہ پاڻ ڏني. ’هر شخص ڪھاڻي آ‘ جي عنوان سان ڪي ٽي اين تي سلسليوار سيريز پيش ڪئي، جنھن ۾ سوين ماڻھن سان وابستہ ناقابل فراموش واقعن ۽ڪھاڻين کي ڊرامائي انداز ۾ نشر ڪيو ويو. ’مورتي‘ جي عنوان سان عورتن جي سماجي مسئلن تي سندس ڊراما سيريز ڪافي مقبوليت ماڻي. فلمن ۾ ’ايوب ابڙو پراڊڪشن‘ جي بينر هيٺ زاهد ابڙي سان گڏ فلم ’مھربان‘ ٺاهي، جنھن کي شاليمار ريڪارڊنگ ڪمپني پوري ملڪ ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو.ان کانسواءِ ’بيوس‘،’دلاور خان‘، ’ناسور‘ ۽ ’مس88‘ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. سندس لکيل ۽ ڇپيل تصنيفن ۾؛ شاعريءَ جو مجموعو ’پيار جي ڇانو‘ (1993ع)، ڀٽائيءَ جي بيتن جي تشريح تي ٻڌل نثري ڪتاب ’اک الٽي ڌار‘، حضور ڪريم صہ جي معجزن تي ٻڌل ڪتاب ’جنھن سان پسجي پرينءَ کي‘، ڪھاڻين جو مجموعو ”پرين وس نہ پنھنجي“ ۽ ”محبتون ماڻبيون ناھن“ شامل آهن. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ايوب گاد جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ايوب گاد جا ڪتاب

پِرين وَس نہ پنھنجي، مصنف : ايوب گاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پِرين وَس نہ پنھنجي
مصنف : ايوب گاد
پيار جي ڇانوَ ۾، مصنف : ايوب گاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيار جي ڇانوَ ۾
مصنف : ايوب گاد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ