ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

Author Name

نامور محقق، اديب ۽ تعليمدان غلام قادر ولد نبي بخش سومرو، 15 فيبروري 1933ع تي ڳوٺ ڏيٿا، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. 1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ بي. اي 1955ع ۾، بي. ٽي 1957ع ۾، ايم. اي 1960ع ۾، ايل. ايل. بي 1967ع ۾ ڪيائين. غلام قادر سومري علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ هيٺ 1988ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. غلام قادر سومري زندگيءَ جو وڏو حصو تعليم جي شعبي ۾ گذاريو. 1957ع کان 1981ع تائين مختلف اسڪولن ۾ هيڊماستر، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال رهيو ۽ سڄي ڄمار تعليمي، علمي ۽ ادبي خدمتون جاري رکيائين. بهترين اديب، مترجم، لسانيات جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هو. هن ادبي کيتر ۾ پير پائي 1955ع کان باقائدي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لکيل پهريون مضمون ’سيد الشهداءِ‘ نواءِ وقت اخبار ۾ ڇپيو. ان ساڳيءَ اخبار ۾ ٻين لکندڙن جي تحريرن تي سنڌي ٻوليءَ جي معيار جي حوالي سان اصلاحي تنقيدون لکندو رهيو. 1961ع ۾ رائيڊر هئگرڊ جي مشهور ناول Return of She جو ’سانئڻ‘ نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي رسالي جو جوائنٽ ايڊيٽر به رهيو. 1970ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سان درسي ڪتابن جي ليکڪ ۽ مترجم جي حيثيت سان لاڳاپيل رهيو. هن ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. هن ڪيترن ئي مڊل اسڪولن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏياري، تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مختلف موضوعن تي سيمينار، مذاڪره ۽ تقريرون ڪرائڻ سان گڏ رانديون ۽ اسٽيج ڊراما ڪرائيندو هو، جن جا اسڪرپٽ پاڻ لکندو هو. 1963ع ۾ ايبٽ آباد ۾ برٽش ڪائونسل طرفان انگريزي تعليم جي سلسلي ۾ پندرهن ڏينهن واري سيمينار ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري شريڪ ٿيندڙن کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي تعليم ۽ سنڌي ادب متعلق ڄاڻ ڏنائين. پاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن جو صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ نگران ٿي رهيو. غلام قادر سومري جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) سانئڻ (وائيڊر هيگرڊ جي ناول ‘Return of She’ جو ترجمو: 1961ع)، (2) . . . ۽ ڌوڙيا پئجي ويا (مزاحيه ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) سهڻا ٽوهه (1975ع)، (4) ور چڙهي وڃڻ جي پيڙا (آفريڪي ناول Undesirable Elements جو ترجمو، (5) سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت (1996ع)، (6) سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ڪارج (2003ع)، (7) سنگيت آچاريا ماسٽر چندر (2007ع)، (8) سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح (2013ع)، (9) Webster based English to English and Sindhi Dictionary. ڊاڪٽر غلام قادر سومري ڪيترا درسي ڪتاب به لکيا. ان کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو، جهڙوڪ: اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا‘ (روزانه عبرت)، اُبتيون سبتيون ڳالهيون (روزانه آفتاب)، ’سندا ڳالهين ڳچ‘ (روزانه آفتاب ۽ روزانه ڪاوش). سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ورجاءُ، (2) مترادفات سنڌي، (3) علامه دائودپوٽو: گهڻ پاسائين شخصيت، (4) سنڌي ٻوليءَ ۾ لکت ۽ انشاء جا مسئلا، (5) ڄارين جي ڄائي، (6) سنڌ ۾ ٽپال جو سرشتو. ڊاڪٽر غلام قادر سومري، 9 آڪٽوبر 2005ع ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جا ڪتاب

سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت، مصنف : ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت
مصنف : ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ