ڪرم الاھي چنا

Author Name

ڪرم الاهي چنا ضلعي نوابشاهه جي تعلقي سڪرنڊ ۾، سڪرنڊ شهر کان اتر- اوڀر طرف مشهور اسٽاپ چوٿون ميل ۽ قديم ۽ تاريخي ڳوٺ 21 دڌ ۾ هڪ غريب، شريف ۽ ديندار گهراڻي ۾ 8 آگسٽ 1954ع ۾ جنم ورتو. سندس والد مرحوم حافظ مير محمد چنا جيڪو قرآن شريف جو نه رڳو حافظ هو، پر پنهنجي دؤر جو جَيَدُ عالم پڻ هوندو هيو. سندس والد ديندار هوندي به پنهنجي اولاد کي ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم به ڏياري. هن پنهنجي پُٽ ڪرم الاهي چنا کي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ 1962ع ڌاري داخلا وٺي ڏني، جتان پنج درجا پرائمري پڙهڻ کان پوءِ هن کي سڪرنڊ جي هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ 1967ع ۾ داخلا وٺي ڏني. ميٽرڪ سڪرنڊ هاءِ اسڪول مان 1972 ۽ انٽر گونمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان 1974ع ۾، بي اي سٽي ڪاليج حيدرآباد مان 1976ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي بين الاقوامي تعلقات ۽ ايم اي صحافت (ماس ڪميونيڪيشن) ۾ ڪيائين.
ڪرم الاهي يونيورسٽيءَ جي پڙهائي ۽ ملازمت جي ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو، ان ڪري سندس ڳوٺ وارو گهر اڪثر بند رهندو هو. پاڻ مهيني ماس جڏهن ڳوٺ چڪر تي ايندو هو ته اڪثر ڪري رات ڏينهن گهر ۾ اڪيلو رهندو هو. ڳوٺ ۾ لائيٽ نه هئڻ ڪري پاڻ رات جو دير تائين گاسليٽ واري بتي ٻاري پڙهندو هو. 
هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي صحافت (ماس ڪميونيڪيشن)۽ ايم.اي انٽرنيشنل رليشنس جون ٻه ڊگهريون حاصل ڪيون. هن پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان به ڏنو. هن ڪجهه سال حيدرآباد مان نڪرندڙ  ماهوار رسالي رهبر ڊائجسٽ ۽ حيدر آباد ۾ هلال پاڪستان اخبار جو رپورٽر ٿي به ڪم ڪيو.
پوءِ هو سڀ ڪجهه وساري ته مون وٽ ڊگريون آهن ڪراچي هليو آيو ۽ ڪتاب وڪڻڻ شروع ڪيائين. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو هو پنهنجو ڪو دڪان يا گاڏو وٺي سگهي، جنهن تي ڪتاب رکي وڪڻي. هو ڪتابن ۽ رسالن جي هڙ کڻي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ جتي جتي سنڌي هئا، انهن وٽ وڪڻڻ لاءِ پهچندو هو.  ڪرم الاهي کي گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان GCP (Ghee Corporation of Pakistan) ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ۽ پروٽوڪول آفيسر جي نوڪري مشهور اديب قمر شهباز جي هٿان  ملي، جيڪو ان وقت ان ادري جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر هيو. ۽ پوءِ هن گولڊن هينڊ شيڪ ورتو،  ڇو جو هن جو گهڻو لاڙو سماجي ڪمن ۽ ادب سان هو، انهيءَ ڪري ادب سان ناتو جوڙڻ لاءِ ”سنگم پبليڪنشس“ جي نالي سان پنهنجي گهر ۾ ئي آفيس ٺاهي ۽ ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي. هن سنگم پبليڪيشنس جي پليٽفارم تان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. سنگم پبليڪيشنس پاران مشهور صحافي فقير محمد لاشاري جو ڪتاب ”سگھارو هماليه هيڻا ماڻهو“ کان علاوه بدر ابڙو، يوسف شاهين، تاجل بيوس، شمشير الحيدري، ۽ قمر شهباز کان علاوه ٻين ڪيترن اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب شايع ڪيا. پنهنجي اداري سنگم پبليڪيشنس جي پاران هن وقت تائين 250 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايا آهن. 
ان کان علاوه پاڻ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، افسانا لکيا اٿس ۽ هلال پاڪسان اخبار ۾ ”ڏات جي ڏيهه مان“ نالي سوين ڪالم پڻ لکي چڪو آهي. هن جو علمي ادبي حلقو نهايت ئي وسيع آهي. وينا شرنگي پنهنجي ڪتاب ڪڇان ته ڪافر ۾ سنگم پبليڪيشنس لاءِ الڳ باب لکيو آهي.
مذهبي ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ سندس شوق رهيو آهي. هن ڪيترائي مذهبي ڪتاب شايع ڪرايا. هن وقت به جناب واحد بخش ڀٽو صاحب جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير ”تفسير واحدي“ تيار ڪري رهيو آهي، جيڪو پنج جلدن تي مشتمل آهي ۽ هر هڪ جلد اٽڪل 1200 صفحن تي مشتمل آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) ۾ 1989ع ۾ ”سچ انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ وڏو ڪم ڪيو. ان ڪانفرنس لاءِ سوينيئر ڪاميٽي ۽ ”سچل سارو سچ“ ڪتاب جو پڻ ميمبر هئو. سائين جن جو سگا جي پبليڪشنس ۾ وڏو ڪردار آهي.
 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز ۾ گهڻو ڪري مرڪزي عهديدار ٿي رهيو آهي. پاڻ سگا مرڪز ۾ به تمام گهڻو ڪم ڪيو. سيڪريٽري اطلاعات ۽ پبليڪيشن رهيو آهي. هن وقت به سگا جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. سگا مرڪز ۾ ٽي ڀيرا سيڪريٽري اطلاعات ۽ چار ڀيرا مرڪزي ميمبر رهيو آهي. هن وقت به سگا جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ جو پڻ ميمبر آهي.
پاڻ ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ ۾آباد ٿيو ته 1992ع ۾ اتي سنڌ جي مشهور سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي شاخ قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ پهرين شاخ قائم ڪرڻ لاءِ ڪنوينئر ۽ پوءِ 1992 کان 1998ع تائين لاڳيتو 3 ڀيرا سچل ڳوٺ شاخ جو صدر ۽ 2009ع کان 2018ع تائين 3 ڀيرا شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. سچل ڳوٺ شاخ جي پهرين حلف کڻڻ واري تقريب 8 آگسٽ 1992ع ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر مظهر الدين ميمڻ، ولي محمد روشن، بخش علي لاکو ۽ قمر شهباز ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. 
انهيءَ کان علاوه روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جو پهريون چيئرمين ٿيو. هو 1993ع ۾ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جو بنياد وجھندڙن مان آهي. جيڪو 8 آگسٽ 1993 تي 8 ٻارن جي داخلا سان شروع ٿيو ۽ هن وقت روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ کي پنهنجي شاندار بلڊنگ آهي جتان هزارين ٻار پڙهي نڪتا آهن. سگا طرفان سندس خدمتن عيوض 1992ع ۾ کيس چانديءَ جو ٻلو ۽ 2014ع ۾ خان محمد پنهور ٽرافي ڏني وئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڪرم الاھي چنا جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


ڪرم الاھي چنا جا ڪتاب

قمر شھباز جون چونڊ ڪھاڻيون، مصنف : ڪرم الاھي چنا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
قمر شھباز جون چونڊ ڪھاڻيون
مصنف : ڪرم الاھي چنا
واچوڙن ۾ لاٽ، سھيڙيندڙ : ڪرم الاھي چنا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
واچوڙن ۾ لاٽ
سھيڙيندڙ : ڪرم الاھي چنا
من تنھا منزل دور، سھيڙيندڙ : ڪرم الاھي چنا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
من تنھا منزل دور
سھيڙيندڙ : ڪرم الاھي چنا
سنڌو، سھيڙيندڙ : ڪرم الاھي چنا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌو
سھيڙيندڙ : ڪرم الاھي چنا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ