سينيئر وڪيل ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس فڪشن جي باني ڪهاڻيڪار رشيد آخوند جو پورو نالو رشيد احمد ولد عبدالله آخوند آهي. هن جا وڏا ٺٽي جا آخوند هئا ۽ سالن کان وٺي درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ اُهي ڪراچي لڏي آيا. ابتدا ۾ اولڊ ٽائون، کارادر ڪوارٽرس ۾ اچي رهيا، جڏهن ته رشيد آخوند جو خاندان هن وقت ڪلفٽن، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. رشيد آخوند، ڪراچيءَ ۾ 16 اپريل 1935ع تي جنم ورتو.
هن پرائمريءَ کان ثانويءَ تائين اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1951ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي. ان عرصي دوران سنڌ جو سٻاجهو شاعر تنوير عباسي سندس هم ڪلاسي رهيو. هن بي. اي ۾ انگريزي ۽ فلسفي جا مضمون کنيا ۽ اڳتي هلي ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري 1961ع کان وڪالت جي پيشي سان لاڳاپجي ويو ۽ ڪمرشل ۽ قانوني ميدان ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهي. ياد رهي ته سنڌ جي نامياري قانوندان اي. ڪي. بروهيءَ کان پوءِ آئيني وڪالت ۾ رشيد آخوند جو نالو سنڌ جي نامور قانوندانن ۾ شمار ٿئي ٿو.
جڏهن رشيد آخوند اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هو، تڏهن تنوير عباسيءَ جي رفاقت ۾ هن جو ادب ڏانهن لاڙو ٿيو.
اين. جي. وي هاءِ اسڪول جي هڪ حصي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو دفتر هو، جنهن جو سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو هو، ۽ سراج ميمڻ اُن وقت اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور سندس ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. اِن ريت رشيد آخوند جي محمد ابراهيم جويي ۽ سراج سان واقفيت ٿي.
ان ئي دور (1953- 1954ع) ۾ نورالدين سرڪي ۽ احسان بدويءَ، سنڌي ادبي سنگت کي ورهاڱي کان پوءِ ٻيهر سرگرم ڪيو، جنهن جي گڏجاڻين ۾ محمد ابراهيم جويو، سراج ميمڻ، غلام رباني آگرو، نور الدين سرڪي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ رشيد آخوند وغيره شريڪ ٿيندا هئا، جيئن ته هن جو ابتدا کان وٺي ترقي پسند ادب ڏانهن لاڙو هو، ان ڪري هن، افسانن ۾ زندگيءَ سان وابسته مسئلن کي اهميت ڏني.
وڪالت کان اڳ ۽ وڪالت کانپوءِ رشيد آخوند 18 کن افسانا لکيا، جن کي سنڌي افسانوي تاريخ ۾ تمام وڏي اهميت ملي. سندس اهم افسانن ۾ ’ڪارو هَسو‘، ’اُکراڻ‘، ’ڍونگ‘، ’ڌرتيءَ جا ٻارڙا‘، ’ساڀيا يا سپنو‘، ’موٽندڙ ڇولي‘ ۽ ’ستارن جا سيلاني‘ وغيره اچي وڃن ٿا.
’ستارن جا سيلاني‘ سندس سائنس فڪشن تي مشتمل ڪهاڻي آهي، ۽ هن ڪهاڻيءَ جي نسبت سان رشيد آخوند کي سنڌ جو پهريون سائنس فڪشن ليکڪ ليکيو وڃي ٿو. نامور اديب تاج بلوچ، رشيد آخوند جي افسانن جو پهريون مجموعو ’سڄڻ، سڪ ۽ سُور‘، نالي سان رابيل پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران، 76-1975ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ رشيد آخوند جا 9 افسانا شامل هئا.
رشيد آخوند ابتدا کان وٺي ترقي پسند خيالن جو رهيو، هو سڀ کان پهرين ڪارل مارڪس کان متاثر ٿيو ۽ هن سوشلسٽ خيالن وارن اديبن جو اثر قبول ڪيو. هن همعصرن سان گڏجي ونيونٽ خلاف جدوجهد ۾ به حصو ورتو. هو جيئن ته فلسفي جو به شاگرد رهيو هو، ان ڪري سندس زندگيءَ تي برٽرينڊ رسل جو وڏو اثر رهيو آهي، جنهن چيو هو ته، ”مذهب کي دنياوي ڳالهين کان جدا رکڻ گهرجي.“ ان ڪري رشيد آخوند هميشه سيڪيولرزم ۾ يقين رکيو ۽ مذهب ڏانهن سندس ڪنهن به قسم جو لاڙو نه رهيو. ٻاهرين دنيا جي ڪهاڻيڪارن ۾ سندس پسند جا ليکڪ سمرسيٽ ماهم، اوهينري ۽ موپاسان رهيا ۽ هو خاص ڪري موپاسان کي عظيم ڪهاڻيڪار تسليم ڪري ٿو. سنڌي ليکڪن ۾ محمد ابراهيم جويي جي شخصيت کان وڌيڪ متاثر رهيو آهي.. هن جي پسند جا سنڌي ڪهاڻيڪار- جمال ابڙو ۽ نسيم کرل هئا، جڏهن ته شاعريءَ ۾ هُو شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ امداد حسينيءَ کي پسند ڪري ٿو.
رشيد آخوند انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Candid Aphorism (شفاف چوڻيون) لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا تجربا ڏنا آهن. هن زندگيءَ کي ڪيئن ڏٺو، ڪيئن سَٺو، دنيا جا رنگ ڪهڙا آهن، ۽ انسان ڪيئن ٿين ٿا وغيره موضوع سندس ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهن. رشيد آخوند جي هن ڪتاب جي مطالعي مان ڄاڻ پوي ٿي ته کيس انسان ۾ خاميون وڌيڪ ۽ چڱايون گهٽ نظر آيون آهن.
رشيد آخوند کي ٽن پٽن جو اولاد آهي، جن مان وڏو رائف آخوند بزنيس مئن آهي، جڏهن ته سندس ٻه پٽ رضوان آخوند ۽ رابيل آخوند بئريسٽر آهن.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رشيد آخوند جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن