رشيد احمد لاشاري

Author Name

نامور شاعر، عالم ۽ اديب رشيد احمد ولد خان لاشاري ، 16 مئي 1922ع تي ڳوٺ ملگزار، تعلقي نصيرآباد، ضلعي سبي، بلوچستان ۾ جنم ورتو. هي اسڪول ملگزار ۾ چار درجا اردو پڙهيو. والد جي وفات تي سندس مامي حمزہ خان ۽ چاچي عبدالعزيز خان سندس پرورش ڪئي. 1931ع ڌاري سندس وڏا لڏي ڪنڌڪوٽ سنڌ ۾ آباد ٿيا. 1932ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. هن اسڪول سوڀي خان اوڳاهي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ماستر عاربي خان اوڳاهيءَ وٽ سنڌي پڙهي، 1936ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1937ع کان 1940ع تائين حضرت سلطان باهو رحہ جي اولاد مان صاحبزادي فيض سلطان سان گڏ هن پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جو سير ڪيو ۽ زيادھ عرصو حضرت سلطان باهوءَ جي درٻار(شورڪوٽ) ۾ رهيو، اتان 1941ع کان عربي ۽ فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ مولانا عبدالحڪيم شڪارپوري، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ۽ مولانا فقير محمد ڪنڌڪوٽيءَ وٽان فارسي، ڪنز ۽ ڪافيہ تائين عربي پڙهيو. 1944ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو ٻيو سال پاس ڪيائين. زماني جي گردش سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف اسڪولن، جهڙوڪ: ڳڙهي خيرو جمالي، مدرسہ نورالاسلام روهڙي، مدرسہ دارالهديٰ ٺيڙهي، پرائمري اسڪول کهڙا، فيض هاءِ اسڪول گمبٽ، پرئڪٽيسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۽ پرائمري اسڪول آسن مل ٽي. اوجها ڪراچيءَ ۾ ماستر ٿي رهيو. اپريل 1949ع کان شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي مٿس خاص نوازش ڪري ضلعي حيدرآباد لاءِ اٽينري اردو ٽيچر مقرر ڪيو، اتان ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو. 
رشيد احمد لاشاري، پنجاب يونيورسٽيءَ مان اديب، فاضل (اردوءَ) جو امتحان 1947ع ۾ پاس ڪيو ۽ سن 1953ع ۾ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو. ڪجهہ وقت سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نظرداريءَ هيٺ تيار ٿيندڙ سنڌي لغت اسڪيم ۾ عبدالڪريم سنديلي ۽ محمد بخش واصف سان گڏ ريسرچ اسسٽنٽ ٿي رهيو. 1956ع ۾ طويل بيماري ۽ ڪن ٻين اهم سببن ڪري نوڪري ڇڏي ڪراچيءَ آيو ۽ فلمن لاءِ ڪھاڻيون، مڪالما ۽ گيت لکڻ لڳو. انھن فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، سسئي پنھون، شھرو فيروز، چانڊوڪي، پنو عاقل (سنڌي)، هماري زبان اردو (اردو) ۽ نئين ڪرن (اردو) شامل آهن. انهيءَ عرصي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ بہ اسڪرپٽ رائيٽر ٿي رهيو. آخر 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، پر ڪن ڳالھين جي ڪري دل برداشتہ ٿي ڊسمبر 1959ع ۾ کيس سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت کان الڳ ٿيڻو پيو. 1960ع کان کيس اداردہ نئين زندگيءَ جي عملي ۾ شامل ڪيو ويو.
رشيد احمد لاشاري پنهنجي ٽھيءَ جو باڪمال شاعر هو. هي سنڌي، اردو، سرائيڪي، ملتاني، پنجابي، بلوچي، پشتو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو قلمي پورهيو ڪيو. کيس شاعريءَ ۾ خاص طور غزل، نظم، ڪافي، گيت، قومي نظم وغيرھ ۾ ڪمال حاصل هو. رشيد احمد لاشاري، سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست، فڪر وارن اديبن خلاف لکڻ ڪري انھن وٽ تڪراري رهيو. هن لطيفيات تي ڪافي ڪم ڪيو. رشيد احمد لاشاريءَ جا شعر و شاعريءَ ۾ استاد مولوي عبدالغني ’مھجور‘ شھدادڪوٽي ۽ حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي آهن.
نثر ۽ نظم ۾ رشيد احمد لاشاريءَ جا 30 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ’معلم اردو‘ (لسانيات: 1951ع)، (2) ’اردو اصول‘ (لسانيات: 1951ع)، (3) ’شــرح سُــر ڪـلـيـاڻ‘ (1954ع)، (4) شـرح سـر مومـل راڻــو، (5) شــرح ســر حـسيــنـي (1954ع)، (6) شــرح ســـر مـارئـــي (1960ع)، (7) ’تاريخ اسلام‘ (ٻہ حصا: 1954ع)، (8) ’ڪليات گدا‘ (ترتيب: 1957ع)، (9) ’سچل جو سرائيڪي ڪلام‘ (ترتيب: 1958ع)، (10) ’مثنوي نل دمنيتي‘  ناٽڪ: 1959ع)، (11) ’شاھ جون وايون‘ (1962ع)، (12) ’منتخب شاھ جــو رسـالــو‘ (1962ع)، (13) ’بلي شاھ جون ڪافيون‘ (ترتيب: 1962ع)، (14) ’يوسف زليخا‘ (قصو: 1964ع)، (15) ’محسن اعظم ۽ محسنين‘ (1964ع)، (16) ’حضرت سـلـطان باهو‘ (1964ع)، (17) ’سچل جو رسـالو‘ (ترتيب: 1965ع)، (18) ’روح لطيف‘، (19) ’شڪنتلا‘ (ناٽڪ)، (20) ’شاھ جون چونڊ ڪافيون‘، (21) ’شـــاھ عبـدالـلطـيــف‘، (22) ’بيــدل جـون چــونـڊ وايــون‘ (1961ع)، (23) ’لطيف باغ جو سير‘ (1952ع)، (24) ادب ڪي آڙ مين، (25) سنڌي اردو گائـيـــڊ (26) تـاريـــخ اسـلام (ٻہ ڀاڱا)، (27) شــرح ســر ســــارنگ، (28) شرح سُر سسئي آبري، (29) شرح سر کنڀات، (30) رسالو خواجہ غلام فريد شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب: ’سوغاتِ رشيد‘ ۽ ’رياضِ رشيد‘ ڇپيل آهن.
رشيد احمد لاشاري 19 سيپٽمبر 1970ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رشيد احمد لاشاري جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


رشيد احمد لاشاري جا ڪتاب

ڪلام رشيد، مصنف : رشيد احمد لاشاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪلام رشيد
مصنف : رشيد احمد لاشاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ