ڌرم وير ڀارتي
ڊاڪٽر ڌرم وير ڀارتي 25 ڊسمبر 1926ع تي الھ آباد. ھندستان ۾ پيدا ٿيو. ھن 1946ع ۾ ھندي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. ھو مختلف اخبارن ۽ رسالن جو سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر رھيو. ھن 1954ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ الھ آباد يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. سندس ناول ”گناھون ڪا ديوتا“ گهڻو مشھور ٿيو. ان کانسواءِ ھن جا افسانن جا ڪتاب، مضمون، شاعري، فلم ۽ ڊراما پڻ مشھور ٿيا. 1972ع ۾ کيس پدماشري ايوارڊ پڻ مليو. ھو 4 سيپٽمبر 1997ع تي وفات ڪري ويو.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل