رشيد ڪليري

شاعر، ڪمپيئر ۽ صحافي رشيد ڪليريءَ جو پورو نالو رشيد احمد ولد حاجي دلاور حسين ڪليري آھي. سندس جنم 12 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ حاجي نيڪ محمد ڪليري، تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽوٻا مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي ھاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ مان 1986ع ۾، بي. ايس. سي 1990ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۽ ايم ايس سي 1993ع ۾ ڪيمسٽريءَ ۾ ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1996ع کان انائونسر ۽ ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان خيرپور تي 18 سال ڪم ڪيائين ۽ ھن وقت گهوٽڪي- 91 ريڊيو ايف ايم تي ڪم ڪري رهيو آھي. 1996ع کان ‘گل ڦل’ ۾ لکڻ شروع ڪيائين. ھن باقاعدہ شاعريءَ جي شروعات 2004ع ۾ ڪئي. سندس ادبي تربيت نامياري شاعر سيد اظھر گيلانيءَ ڪئي. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آھي، جن ۾ عاشق نظاماڻي، ربنواز مھيسر، غلام شبير شاھاڻي، عبدالرحيم ميراڻي، نجف علي وسطڙو ۽ ٻيا قابل ذڪر آھن. رشيد ڪليري 2007ع ۾ روزاني سنڌ اخبار جو نمائندو مقرر ٿيو، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي سندس ڪالم بہ ڇپيا. 2008ع کان گهوٽڪي 91 ريڊيو ايف ايم تي ڪمپيئر طور پنھنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آھي. ھيءُ 2013ع ۾ يونين آف جرنلسٽ تعلقي گهوٽڪيءَ جو صدر مقرر ڪيو ويو. ريڊيو جي مختلف ڪمرشل پروگرامن ۾ کيس اوارڊ مليا. ڦلجي اسٽيشن ۾ پروگرام ‘لوچين سي لھن’ جي سالگرهه جي حوالي سان اوارڊ، گهوٽڪي فيسٽيول ۾ بھترين ڪمپيئر ۽ ليکڪ اوارڊ، ٻالڪ ادبي فورم طرفان بھترين ليکڪ اوارڊ، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ آف سنڌ طرفان خيرپور ۾ ڪرايل سال 2013ع ۾ بھترين انائونسر سرٽيفڪيٽ قابل ذڪر آھن. سندس شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب ‘دل جو درد نہ ڄاڻي ڪو’ شايع ٿيل آھي. رشيد ڪليري گهوٽڪيءَ ۾ رهائش پذير آھي.

  • جنم: 1970-08-12
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب