ايم ڪمل

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري شاعر ايم ڪمل جو اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي آهي ، جيڪو تاريخ 8 آگسٽ 1925ع تي شهر ڪنڊياري تعلقي ۽ ضلعي نوابشاهه ( موجوده ضلعي نوشهري فيروز ) ۾ ڄائو . انٽر سائنس تائين پڙهيل آهي . سندس سڃاڻپ ليکڪ ، شاعر ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان آهي . هيءُ هندستان ۾ هن وقت سنڌي زبان جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو . جديد غزل جو وڏو شاعر آهي . سندس شاعريءَ جا 15 ۽ ناٽڪن جا 7 ڪتاب ڇپيل آهن ، جن مان ڪي اهم هي آهن: ’ننڊ ۽ جاڳ ‘ ( شاعري: 1965ع ) ، ’جهريل جيءُ ‘ ( شاعري: 1971ع ) ، ’ڳرندڙ برف جا نقش ‘ ( شاعري: 1975ع ) ، ’ميونسپل ڪائونسلر ‘ ( ناٽڪ: 1979ع ) ، ’روشن راهون ڌنڌلا ماڳ ‘ ( شاعري: 1981ع ) ، ’پنجاهه غزل ‘ ( شاعري: 1983ع ) ، ’ماچيس ڪٿي آهي؟ ‘ ( ناٽڪ: 1985ع ) ، ’باهه جا وارث ‘ ( شاعري: 1986ع ) ، ’ميرانجهڙو ٿڪ ‘ ( شاعري: 1988ع ) ، ’سوچ جا پاڇا ‘ ( شاعري: 1989ع ) ، ’اڃايل لهر ‘ ( شاعري: 1989ع ) ، ’ڪوسي رک ‘ ( شاعري: 1990ع ) ، ’خوشخبري ‘ ( ناٽڪ: 1990ع ) ، ’فريم ۾ مڙهيل شخص ‘ ( ناٽڪ 1991ع ) ، ’ميونسپل ڪائونسلر ‘ ( ايڪانيڪي ناٽڪن جا مجموعا ) ، ’سهميل شام ‘ ( شاعري: 1992ع ، ’سوجهرو شام جو ‘ ( شاعري: 1992ع ) ، ’ٻنهي پاسي باهيون ‘ ( شاعري: 1994ع ) ، ’من مڙي ئي نٿو ‘ ( شاعري: 1995ع ) ، ’آخري اڏام ‘ ( شاعري: 1997ع ) ، ’لڪل اوجاڳا ‘ ( شاعري: 1998ع ) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن . هدايتڪار طور ڪجهه ايڪانڪي ناٽڪن ۾ به ڪم ڪيل اٿس . سندس ڪتاب ’باهه جا وارث ‘ تي سال 1989ع لاءِ مرڪزي ساهتيه اڪادمي طرفان انعام مليل آهي . هو 3 فيبروري 2010ع تي لاڏاڻو ڪري ويو .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ايم ڪمل جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ايم ڪمل جا ڪتاب

روشنيءَ جي تلاش، مصنف : ايم ڪمل

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
روشنيءَ جي تلاش
مصنف : ايم ڪمل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ