اختر رند

Author Name

ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ نويس اختر رند جو اصل نالو اختر علي رند آھي.هن چوٿين فيبروري 1964ع تي ڳوٺ رئيس ولي محمد رند،تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ جي ڪاڇي واري پٽيءَ ۾ پٺاڻ خان رند جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ڪوٽڙي مان پاس ڪرڻ کان پوءِ ايم اي (سنڌي) جي ڊگري سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. هينئر تائين سندس ڪھاڻين جا چار ڪتاب: ’ڪال گرل‘ (1998ع)، ’ڪنوارا چپ‘ (2001ع)، ’رات جي راڻي‘ (2002ع) ۽ ’ڦاسي گهاٽ تي آخري شام‘ (2022ع) ڇپيل آھن. اختر رند جا، 1996ع کان پي ٽي وي، هم ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي 14 ڊراما سيريل: ’اوڙاهه‘، ’جنت‘ (اردو ڊراما سيريل) ’ڪنول‘، گنھگار‘، ’جياپي جي جنگ‘، ’درد وندي جو ديس‘، ’گردش‘، ’زمين‘، ’بند دروازو‘، ’ستارن بنا رات‘، ’سوچون ۽سپنا‘، ’رُڃ ۽ پڙاڏا‘، ’چانڊوڪي جو زهر‘، ’ڪنارا زندگي جا‘ ۽ ٽي سوپ سيريل ڊراما ’ديوار‘، ’زندگي او زندگي‘، ’سفر دل لڳي جو‘ ۽ ڏهاڪو کن آرٽ پليز ٽليڪاسٽ ٿي چڪا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اختر رند جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


اختر رند جا ڪتاب

ڪنوارا چپ، مصنف : اختر رند

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪنوارا چپ
مصنف : اختر رند
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ