ادريس لغاري

Author Name

ادريس لغاري سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، محقق، ترجمي نگار ۽ نقاد آهي. سندس جنم 1 فيبروري 1984ع تي ڳوٺ حاجي سومر خان لغاري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (ماس ڪميونيڪيشن) ۽ 2014ع ۾ ايل ايل بي جناح لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. سندس چپيل ۽ اشاعت هيٺ ڪتابن جو تعداد 8 آهي. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ اسسٽنٽ ۽ سينيئر سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو آهي. سندس 300 کان وڌيڪ سياسي، فڪري، ادبي ۽ تحقيقي مضمون ۽ ڪالم روزاني ”پنهنجي اخبار“۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. مهمان استاد طور جي هو، جمهوريت، وفاقي نظام، سيڪيولرازم، صنفي برابري، قانون جي حڪمراني، انساني حق، مذهبي انتها پسندي، مذهبي هم آهنگي، مذهبي تفريق، سول سوسائٽي، لبرل ازم ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي شاگردن، شاگردياڻين ۽ سياسي ڪارڪنن کي پوري سنڌ ۾ ٽريننگ ۽ ليڪچرز ڏئي چڪو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ادريس لغاري جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ادريس لغاري جا ڪتاب

سندو ذات جواب (رسول بخش پيليجي جي شخصيت بابت لکڻيون)، سھيڙيندڙ : ادريس لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سندو ذات جواب (رسول بخش پيليجي جي شخصيت بابت لکڻيون)
سھيڙيندڙ : ادريس لغاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ