مدھوش مير

Author Name

خيرپورناٿن شاھ سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ ليکڪ مدھوش مير جو اصل نالو محمد علي انصاري آھي. مدھوش مير 1994ع ۾ پورھيت عبدالرحمان جي گهر ۾ جنم ورتو. پيشي جي لحاظ کان پرائيويٽ ملازم ھجڻ سان گڏ ھن جو صحافت ۽ ادب سان پڻ گھرو ناتو رھيو آھي ھن 2007 کان لکڻ جي شروعات ڪئي، جڏھن ته ھن وقت تائين سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون نثر شاعري مضمون ۽ ڪالم پڻ مختلف اخبارن ۽ مئگزين رسالن ۾ شايع ٿيندا رھن ٿا، مدھوش مير جو پھريون ڪتاب ماريو جن موت کي 2020 ۾ ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد ڪتاب گھر پاران پڌرو ٿيو، جڏھن ته ٻيو ڪتاب تاريخ جو تماشگاھ مختلف تاريخي مضمونن تي مشتمل آھي، ۽ ٽيون ڪتاب خلل جيڪو نفسيات ۽ انساني عادتن روين ۽ مختلف مزاجن جي ڄاڻ ڀريو آھي، ٻئي ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آھن،

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مدھوش مير جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مدھوش مير جا ڪتاب

جن ساڃاء سِراڻِ سين، مصنف : مدھوش مير

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جن ساڃاء سِراڻِ سين
مصنف : مدھوش مير
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ