پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو

Author Name

نالو: محمد شريف ولد عبدالقادر “عنبر” سومرو. 
ادبي نالو:  شريف “شاد”.
ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ: 18 آگسٽ 1960ع رستم تعلقو لکي ضلعو شڪارپور.
تعليم: پرائمري ۽ مڊل پنهنجي ڳوٺ رستم ۾، مئٽرڪ: 1977ع، انٽر: 1979ع، گريجوئيشن: 1981ع، ايم. اي (انگريزي) 1983ع، بي ايڊ: 1987ع، ايم اي: (اقتصاديات) 1985ع، ايم اي: (سنڌي ادب) 1987ع، ايم.ايڊ: 1993ع، ايم.فل: (سنڌي) 1999ع، پي ايڇ. ڊي (سنڌي) 2020ع          

لکڻ جي شروعات: آگسٽ 1978ع کان.
ادبي استاد: الحاج ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو
سڃاڻپ: شاعر، افسانه نگار، محقق ۽ نقاد. 
ملازمت: پرائمري استاد 1979ع سيڪنڊري استاد (HS.T) 1991ع ليڪچرار (سنڌي) 1999ع اسسٽنٽ پروفيسر 2011ع.

تنظيمي وابستگي: 
1. سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور
2. شڪارپور سوشل فورم
3. سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرر ايسوسئيشن سنڌ 
4. مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور
5. ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور/ ڪراچي (چيئرمين)

ڪارڪردگي:
1. ادبي سنگت شاخ رستم جو بنياد وجھندڙ ــــ 1983ع
2. شاهه عبدالطيف لائبريري رستم جو بنياد وجھندڙ ـــ 1983ع
3. اکرن جي اکيڙ ــــ ٻولي سيکارڻ لاءِ ٻارن لاءِ راند ـــ 1990ع
4. سنڌي ادبي سنگت ضلعي شڪارپور جو 5 سال رابطا سيڪريٽري 
5. سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي ميگزين“نخلستان” جو ايڊيٽر ـــ 2008ع
6. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺل جي ميگزين “ڪهڪشان” جو ايڊيٽر 2014ع

مليل ايوارڊ: 
1. سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم جي ڪارڪردگي تي مليل ايوارڊ 1985ع
2. سنڌ رائيٽرس ادبي فورم سنڌ ــــ “سند امتياز” ــــ  خيرپور 1999ع.
3. همدرد انسانيت سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڊسٽرڪٽ شڪارپور ـــ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ  28 جنوري 2007ع.  
4. سي اينڊ ايس گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شڪارپور جي طرفان مليل “مڃتا شيلڊ” 2008ع.
5. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايورڊ ـــ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ 2010ع 
6. ٻالڪ ادبي فورم سنڌ ــــ “مڃتا سرٽيفڪيٽ” ــــ 20 نومبر 2010ع. 
7. عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ ــــ “تعريفي سرٽيفڪيٽ” ــــ ستون ڊاڪٽر تنوير عباسي ادبي ايوارڊ 2011ع.
8. ادب ۽ ٻولي جي خدمت عيوض اعزازي شيلڊ ــ سنڌ ادبي ۽ ثقافتي فورم 2015ع 
9. شڪارپور سامي ڪلچر هيريٽيج فيسٽيول ـــ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فارپرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ ــــ 2016ع  ـــ شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ. 
10. شڪارپور چار سوءُ سالا جشن شڪارپور ايوارڊ ــــ پاران مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور ـــ 2017ع. 
11. رحمت الله “شوق” يادگار شيلڊ ـــ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ـــ مارچ 2017ع. 
12. سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) ـــ استاد محمد پنجل شيخ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ـــ 12 مئي 2018ع.
13. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ــــ “پارٽيسپيشن سرٽيفڪيٽ” ـــــ 2018ع.  
14. شيخ نعمت الله سنڌيءَ جي ٻي ورسي تي “مڃتا سرٽيفڪيٽ” ـــ 28 فيبروري 2021ع ــــ پاران مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور.
15. سچل ڪميونٽي ڊولپمينٽ ويلفيئر ايسوسئيشن محرابپور سنڌ ــــ “مڃتا ايوارڊ” ــــ ثقافتي پروگرام 2021ع. 
16. مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور ٽيهه ساله سفر ــــ “مڃتا سرٽيفڪيٽ” ــــ 11 ڊسمبر 2022ع. 

شايع ٿيل ڪتاب
1. ڪلامِ طالب (بزرگ محمد طالب جو ڪلام) ــــ پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو (تحقيق ۽ ترتيب) ڇاپو پهريون 1999ع ـــ ٻيو ڇاپو ــــ 2011ع ـــ ٽيون ڇاپو ٽيون 2018ع ـــ مطبوعه: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور ـــ ڪراچي.
2. شروعاتي سنڌي الف. ب جو قاعدو ــــــ ڇاپو پهريون 2000ع ــــ پريت پبليڪيشن رستم.   
3. تاريخ شڪارپور ـــ پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو (مرتب) ــــ 2017ع ـــ مطبوعه: پيڪاڪ ڪراچي. 
4. ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي ـــ پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو (مرتب) ــــ 2017ع ـــ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد.  
5. وسي شال سنڌوءَ جو ڪنارو (شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق راز” سومرو) (طويل نظم) ـــــ پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو (مرتب) ــــ جون 2018ع ـــ  مطبوعه: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور ـــ ڪراچي.
6. سووينيئر پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي ـــ جبران علي سومرو (مرتب) ـــ آگسٽ 2018ع ـــ مطبوعه: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور/ ڪراچي.
7. حضرت مخدوم شاهه عثمان قريشي رح سهروردي تي ٿيل تحقيق جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ــــ پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو (تحقيق) ـــ مارچ 2020ع ـــ مطبوعه: فقير نور محمد پيرزاد (گادي نشين) 
8. رٽائمينٽ جي حوالي سان يادگار (نثري نظم) ــــ جبران علي سومرو (مرتب) ـــ آگسٽ 2020ع ـــ مطبوعه: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور/ ڪراچي.
9. پروفيسر حفيظ الله سندراڻي جون تعليمي، علمي ۽ ادبي خدمتون ـــ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف “شاد” سومرو (مرتب) ــــ سيپٽمبر 2021ع ـــ مطبوعه: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور ـــ ڪراچي.
10. ڪارنر: پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو ـــ ماهوار سورمي ـــ آڪٽوبر، نومبر 2018ع.  

اڻ ڇپيل ڪتاب:
1.ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ، 2. رستم شهر جي تاريخ، 
3. رسالو عيسي فقير جو، 4. تعليم ۾ تحقيق جا طريقا (ايم. ايڊ لاءِ لکيل)، 5. سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس (ايم. فل ٿيسز)، 6. قديم سنڌي نظم جو تحقيقي جائزو، 7. سنڌي ادب ۾ جديد نظم جي اوسر، 8. شجره طالب 9. ساهتي نقشيات (چارٽ) 10. سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس (پي. ايڇ ڊي ٿيسز). 11. سنڌي نظم جي منظوم ترجمن جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس، 12. سنڌي طويل نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس، 13. سنڌي ادب ۾ ادبي تاريخن جو فن ۽ ارتقائي جائزو، 14. ساميءَ تي ٿيل تحقيق جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس. 15. شڪارپور تعلقي جي علمي ۽ ادبي تاريخ. 16. سوچون صليب تي (نثري نظمن جو مجموعو)، 17. ڪليات “شاد” (شاعري گڏيل صنفون)، 18. ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” جون علمي ادبي خدمتون. 19. شڪارپور جي سياسي تاريخ. 20. خانپور تعلقي جي علمي ۽ ادبي تاريخ. 21.ڳڙهي ياسين تعلقي جي علمي ۽ ادبي تاريخ. 22. طويل نظم.         

موبائل نمبر: 03332770660
ڏس پتو: آشيانه ڪليم الله مسڪين شاهه محلو بيگاري روڊ شڪارپور.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو جا ڪتاب

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي، مصنف : پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي
مصنف : پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ