سجاد ميراڻي

Author Name

سنڌ جي نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد علي بخش ميراڻي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1956ع تي خيرپور ضلعي جي تاريخي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. تعليم جي لحاظ کان ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ ايم. ايڊ آهي. تعليم کاتي ۾ استاد آهي. سجاد ڪيترا ڀيرا سنڌي ادبي سنگت، ضلعي خيرپورميرس جو ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ مرڪزي عهديدار به رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو پختو شاعر آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سمورين صنفن کي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي.، پر غزل ۽ خاص طور وائيءَ تي عبور رکي ٿو. سندس شاعري سادي اظهار، آسان لفظن ۽ مترنم لهجي جو مرڪب آهي. سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) ’دلدار وڏي شيءِ آ‘ (2005ع، (2) ’مان تنهنجو هان‘ (2010ع) ۽ (3) ’جيءُ جياريو جن‘ (2011ع) شامل آهن. کيس ادبي خدمتن تي ’سچل اوارڊ‘، ’حامي اوارڊ‘، ’سليم ڳاڙهوي اوارڊ‘، ’مولانا عبدالله چانڊيو اوارڊ‘، ’مخدوم اسماعيل پريالوئي اوارڊ‘، ’سرمد سنڌي اوارڊ‘ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سجاد ميراڻي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سجاد ميراڻي جا ڪتاب

دلدار وڏي شيءِ آ، ليکڪ : سجاد ميراڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دلدار وڏي شيءِ آ
ليکڪ : سجاد ميراڻي
مان تنهنجو هان، ليکڪ : سجاد ميراڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مان تنهنجو هان
ليکڪ : سجاد ميراڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ