محمد صديق مسافر

Author Name
محمد صديق مسافر 1 اپريل 1879ع تي ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ ڄائو.[1] سندس شروعاتي نالو جهنڊو هو. هو سنڌ جو تعليمي ماهر، ليکڪ، شاعر، ترجمي نگار ۽ اخبار نويس پڻ هو.
هن 18 ورہ تاڻين سنڌي ٻوليءَ جي پَرسِڌ رسالي "اخبارِ تعليم" جي ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شعر ڪيترين ئي ورهن کان اسڪول جي نصاب جو حصو هئا. هن خان بھادر مير غلام محمد هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي جي پھرين انچارج طور پڻ ڪم ڪيو.
محمد صديق مسافر علائقي ۾ نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ٻه نياڻيون ماسترياڻيون ٿيون ۽ هڪ پٽ به ماستر ٿيو.
محمد صديق مسافر ٽريننگ ڪاليج دوران ڪتابن جي مطالعي، ترجمي ۽ تصنيف تاليف جو وڏو ڪم ڪيو. ان کان سواءِ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪري، ان طرفان ڪيترائي ادبي، علمي ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪرايا.
مسافر مختلف موضوعن تي ڪيترا ڪتاب لکيا، جن مان: هداية المسلمين (اسلامي عقيدن ۽ رڪنن جي سمجهاڻي تي ٻڌل 6 جلد)، رموز القرآن، ناول گلبدن (اردو تان ترجمو)، ممتاز دمساز (اردوءَ تان تڪبند سنڌي شعرن جي ملاوت سان ترجمو)، سنڌي سونهن (ٻئي کان ستين درجي تائين 6 جلد)، ديوان فاضل، قرب قليچ (مرزا قليچ بيگ جي سوانح)، شهيد ڪربلا، حياتيءَ جو دور (ٻه ڀاڱا اردو تان ترجمو)، سڄاڻ زالون، سنڌي گرامر 3 ڀاڱا، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جاگرافي، انگي حساب (ٻئي کان پنجين درجي تائين)، غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا، منتخب مضامين (نثر ۽ نظم 3 جلد) ۽ ڪليات مسافر (حياتي جي حوالي سان) مشهور آهن.
محمد صديق مسافر انهن ڪتابن کانسواءِ محمد صالح مخدوم ابراهيم هالائيءَ سان گڏجي نصاب جا ڪتاب لکيا، جن ۾: نئون سنڌي گرامر، درجو چوٿون،  نئون سنڌي گرامر، درجو 5-6-7 ۽ فائينل ڀاڱو نمبر 2 ۽ جاميٽري درجو 5-6، سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت درجو چوٿون، نئين ڏس ۽ سک ائٽلس جاگرافي سنڌ.
محمد صديق مسافر مرزا اسد بيگ سان گڏجي ٽئين ۽ چوٿين درجي لاءِ شاعريءَ جا ڪتاب ترتيب ڏنا. انهن ڪتابن ۾ گلشن خيال درجو ٽيون، رنگين گل درجو چوٿون شامل آهن. مسافر ٻارڙن جي نامياري شاعر ڪشنچند بيوس سان گڏجي ’ڦولداني‘ ڪتاب ترتيب ڏنو، جيڪو 1939ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب ۾ شاعرن جو مختصر احوال ۽ سندن چونڊ شعر شامل هئا. هن فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما به ڪيا، جن ۾ اخلاق محسني، منتخب ديوان ۽ مطلوب المومنين شامل آهن.
محمد صديق مسافر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان به پاڻ ملهايو آهي، هن شاهه جي رسالي جي ڪجهه سُرن جي  معنيٰ، سمجهاڻي ۽ تشريح به لکي آهي، جن ۾ سر کنڀات، سر ڪيڏارو (1960ع)، سر آسا 1960ع، سر ليلان چنيسر 1962ع، سر سسئي آبري 1963ع، سر ڪاموڏ 1964ع، سر سهڻي 1964ع، سر سريراڳ 1970ع شامل آهن.
حيدرآباد ۾ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جنوري 1931ع ۾ وجود ۾ آئي، جنهن سنڌ جي تاريخ شايع ڪرائي، جنهن جا ٻه ڀاڱا سنڌ جي تاريخ ڀاڱو چوٿون ارغون ۽ ترخان دور ۽ سنڌ جي تاريخ ڀاڱو پنجون، سنڌ ۾ مغلن جا نواب مسافر لکيا، گلزار نثر و نظم ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيون به هن لکيا. ان کان سواءِ 1936ع ۾ قرب قليچ، شرح ديوان فاضل ۽ 1965ع ۾ منازل مسافر بمع ڪليات مسافر لکيائين.
هن 82 ورهن جي ڄمار ۾ 23 سيپٽمبر 1961ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مڙھہ کي ٽنڊي باگي ۾ ئي نَھرايو ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محمد صديق مسافر جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


محمد صديق مسافر جا ڪتاب

منازل مسافر بمع ڪليات مسافر، مصنف : محمد صديق مسافر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
منازل مسافر بمع ڪليات مسافر
مصنف : محمد صديق مسافر
سُر ڪاموڏ، مصنف : محمد صديق مسافر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سُر ڪاموڏ
مصنف : محمد صديق مسافر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ