مشتاق جروار

Author Name

مشتاق جروار نوجوان ليکڪ ۽ پيشي جي لحاظ کان استاد آهي هي ٽنڊوالهيار شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ خير محمد جروار ۾ جنم ورتو ۽ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ۽ انٽرميڊيٽ سنڌ ماڊل ڪاليج ٽنڊوالهيار ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي هي هن وقت درس وتدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن جي پسنديندہ موضوعن ۾  فلسفو. سائنس. تاريخ ۽ ادب آهن ۽ انهن موضوعن تي سنڌ جي مختلف اخبارن آجيان سوڀ. ڪوشش . ڌرتي ۽ سنڌ ايڪسپريس ۾ مضمون لکندو رهيو آهي جيڪي عوام ۾ چاه سان پڙهيا وڃن ٿا. هن جو ھڪ ڪتاب ”فلسفو. سائنس ۽ادب“ مختلف اخبارن ۾ لکيل مضمون ۽ تجزين تي مشتمل آهي. ھن وقت پاڻ فلسفي جي موضوع تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويندو .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مشتاق جروار جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مشتاق جروار جا ڪتاب

فلسفو، سائنس ۽ ادب، مصنف : مشتاق جروار

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
فلسفو، سائنس ۽ ادب
مصنف : مشتاق جروار
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ