عبدالطيف راز بلڙائي

Author Name

راز بلڙائيءَ جو اصل نالو عبدالطيف ڪوريجو ۽ سندس والد جو نالو عبدالستار ڪوريجو هو۔ 12 ڊسمبر 1923ع تي ڳوٺ درویش تعلقو گھوڙا ٻاڙي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتائين۔ بلڙي شاھ ڪريم ۾ رهائش سبب ”بلڙائي“ سڏائڻ لڳو. سنڌي فائنل ۽ انگريزي جا ٽي درجا پاس ڪري پوليس کاتي ۾ نوڪري تي لڳو،  خوش طبع ۽ خوش ڪلام شاعر هو ، سندس ڪلام ٿورو آهي پر سليس ۽ رنگين شعر چوندو هو ، بنيادي طور غزل لکيائين پر نظم تي طبع آزمائي ڪيائين. شاعري ۾ سندس استاد بسمل ٽکڙائي ۽ مخدوم طالب الموليٰ  هئا ، شاعري سان گڏوگڏ بهترين نثرنويس پڻ هو ، سندس نثري ڪتابن ۾ ناول ” گناهه“ جيڪو 1952ع ۾ ڇپيو ، ٻيو ناول  ”شرابي“ پڻ 1952ع ۾ ڇپيو، سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب  ”بُک ۽ بيڪاري“  ۽ ”گلبدن“ شامل آهن۔ راز بلڙائي  تحریڪِ پاڪستان ۾ مُسلمانن جي حق ۾ اُن وقت جي اخبارُن ۾ ڪیتریون ئي تحریروں ۽ مضمون لکيا۔ تحریڪِ پاڪستان جي ھِن گُمنام سپاھيءَ ۱۳ فئبروري 1977ع  ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالطيف راز بلڙائي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عبدالطيف راز بلڙائي جا ڪتاب

گناھہ، مصنف : عبدالطيف راز بلڙائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
گناھہ
مصنف : عبدالطيف راز بلڙائي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ