احسان دانش
مشھور محقق، شاعر، نقاد، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر احسان دانش جو پورو نالو آغا احسان الحق آهي. هن 15 فيبروري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر ڊا ڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي سنڌي ۽ ايم. اي اردو ڪرڻ کان پوءِ ”شاھ لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي عنوان سان مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 2015ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. احسان دانش 1997ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ 6 سالن تائين اردو ادب جو ليڪچرر رهيو. 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هو ساڳئي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪندي ڪيئي سال هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيو. جنھن بعد ايسوسيئيٽ پروفيسر طور سندس مقرري شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي ۾ ٿي. هو مختلف اڪيڊمين ۾ ڪيترن ئي سالن کان اعزازي طور سي. ايس. ايس ۽ پي. سي. ايس جا ڪلاس پڻ وٺندو رهيو آهي. احسان دانش 1988ع کان لکڻ شروع ڪيو. ابتدائي طور شاعري، ان بعد ڪھاڻيون، ڪالم ۽ مضمون لکيا ۽ پوءِ تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ قدم رکيو. هو علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ بہ حصو وٺندو رهي ٿو. ڊاڪٽر احسان 13 سالن تائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ رهيو. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي منظور ٿيل تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’بي سڪون خواب جو سچ‘ (ڪھاڻيون: 2005ع)، ’لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو‘ (تحقيق: 2005ع)، ’ويل نہ وسريام‘ (ادبي شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا: ترتيب: 2007ع)، ’لفظن جي خوشبو‘ (شاعري: 2010ع)، ’سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا- موهن جو دڙو‘ (تاريخ: ترتيب ۽ تخليق: 2012ع)، ’شاھ لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج‘ (پي ايڇ ڊي ٿيسز: 2016ع)، ’پيھي پروڙيم‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس: 2017ع) ۽ ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو‘ (تحقيق 2021ع) شامل آهن. هن شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي حوالي سان سال 1994ع کان 1995ع تائين روزاني ”جاڳو“ ۾ هفتيوار ڪالم لکيا، جڏهن تہ 1998 ۽ 1999 ۾ هن روزاني”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ پڻ مختلف موضوعن تي ڪالم لکيا آهن. ڊاڪٽر احسان دانش آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هو ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي پبليڪشن ڪاميٽيءَ جو 2016ع ۾ ميمبر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رھيو. هو شھيد محترمہ بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊيز جو ميمبر پڻ آهي. ڊاڪٽر احسان ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ مقالا نگار طور شريڪ ٿيندو رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ هن شاھ لطيف جي فڪر جي مختلف پھلوئن ۽ ٻين موضوعن تي سڄي سنڌ ۾ کوڙ سارا ادبي ليڪچر پڻ ڏنا آهن. کيس علمي/ادبي مڃتا طور مليل ايوارڊن ۾: ”شاھ لطيف ايوارڊ“ (ثقافت کاتو حڪومت سنڌ: 2016ع)، سندس ڪتاب ”شاھ لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ايوارڊ شامل آهن. ان کان علاوہ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان طرفان سندس ڪتاب ”پيھي پروڙيم“ کي سال 2017ع جي بھترين تنقيدي ادب جو ايوارڊ ملڻ سان گڏ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن طرفان سندس علمي ادبي پورهيي جي مڃتا طور ٽيھارو کن ايوارد ملي چڪا آهن
- جنم: 1974-02-15
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل