احسان دانش

Author Name


ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ادب جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هن ادب جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. تخليق سان گڏ تحقيق۽ تنقيد هن جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهن.ڊاڪٽر احسان دانش گذريل ٽن ڏهاڪن کان قلمي پورهيي سان لاڳاپيل آهي. ڊاڪٽر دانش 2015 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ کان علاوه هن جديد سنڌي شاعري تي ڪيترائي ڪارائتا مقالا لکيا آهن، ڊاڪٽر دانش سنڌي ڪهاڻي جي جديد رجحانان توڙي سنڌي ادب ۾ تنقيد جهڙن اهم موضوعن تي پڻ تحقيقي مقالا لکيا آهن، سندس اهڙن تحقيقي مقالن جو انگ 160 آهي، جيڪي ايڇ اي سي کان منظور ٿيل مختلف تحقيقي جرنلن ۽ معياري ادبي جريدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. 

ڊاڪٽر احسان دانش آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، 2005ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو ( لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ 2005)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، 2007)، لفظن جي خوشبو (شاعري، 2010)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص 2012ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، 2016) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس2017 ) شامل آهن. هن شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي حوالي سان سال 1994 کان 1995 تائين روزاني ”جاڳو“ ۾ هفتيوار ڪالم لکيا، جڏهن ته 1998 ۽ 1999 ۾ هن روزاني ”جاڳو“ کان علاوه روزاني”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“۾ پڻ مختلف موضوعن تي ڪالم لکيا آهن. ڊاڪٽر دانش 2017ع کان سنڌالاجي جي تحقيقي جرنل ”سنڌي ادب“ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي اياز چيئر جي تحقيقي جرنل ”اياز“ جي رويوئر ڪميٽي جي ميمبر هجڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان شايع ٿيندڙ ۽ ايڇ اي سي کان منظور ٿيل تحقيقي جرنل ”ڪينجھر“ جي رويوئر ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. جڏهن ته ”ادبِ پاڪ“ انٽرنيشنل ۽ ٽه ماهي ”بيلاگ“ ڪراچي جو لاڙڪاڻي جو خصوصي نمائندو پڻ رهيو آهي ان کان علاوه ماهوار ”شعور“، ”ماهوار ”سرواڻ“ ۽ ماهوار ”سورٺ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهندو آيو آهي. هو ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي پبليڪشن ڪاميٽي جو 2016ع ۾ ميمبر رهي چڪو آهي. جڏهن ته هن وقت سنڌي لئگويج اٿارٽي حيدرآباد ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آهي.

ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي 42 ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. هن کي مختلف علمي، ادبي ادارن طرفان ادبي خدمتن جي مڃتا طور 25 ادبي ايوارڊ ملي چڪا آهن. 2016 ۾ هن کي ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ طرفان ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ وڏي  ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي. جڏهن ته سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان لطيف شناسي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان سال جي بهترين تحقيقي ادب جا ايوارڊ پڻ مليا آهن. ان کان علاوه انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان طرفان سندس ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ کي سال 2017ع جي بهترين تنقيدي ادب جو اوارڊ پڻ مليو آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش 1999ع کان درس و تدريس سان لاڳاپيل آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي شعبي ۾ شعبي جو سربراهه آهي جتي تدريسي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان اڳ هو لاڙڪاڻي جي هڪ نيم سرڪاري ڪاليج ۾ 4 سال اردو جي ليڪچرار طور پڻ پڙهائي چڪو آهي. اهڙي طرح هو سالن جا سال لاڙڪاڻي جي مختلف نيم سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سي.ايس.ايس ۽ پي.سي.ايس جي ڪلاسن کي اعزازي طور سنڌي ادب پڙهائيندو رهيو آهي. هو گذريل 12 سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن 100 سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن. تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ هن وقت ڊاڪٽر احسان دانش جا اَٺَ ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ منتظر آهن.

(عابد ڪاظمي)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي احسان دانش جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


احسان دانش جا ڪتاب

لفظن جي خوشبو، ليکڪ : احسان دانش

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لفظن جي خوشبو
ليکڪ : احسان دانش
پيهي پروڙيوم، ليکڪ : احسان دانش

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پيهي پروڙيوم
ليکڪ : احسان دانش
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ