شاهده کوکر

Author Name

ناليواري ليکڪہ ۽ شاعرہ، شاهدہ کوکر، 25  آڪٽوبر1961ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليمي لحاظ کان ايم. اي (سنڌي ادب)، ايم. اي (اقتصاديات)، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم اي صحافت ۾ ڪيائين. سندس پھريون مشاهداتي مضمون 1983ع ۾ روزاني اخبار  ’هلال پاڪستان‘  ۾ ڇپيو، جيڪو سندس اتساهہ جو سبب بڻيو. بعد ۾ ڪيترو وقت ‘جهاتيون’ جي سري سان ڪالم لکيائين. جيڪي سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي هوندا هئا. سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون مختلف اخبارن ۾ ڇپجنديون رھيون. سندس ڪلام سرمد سنڌيءَ سميت غلام شبير سمون، فرزانہ پروين ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن ڳايا آهن. شاهدہ کوکر جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘بري هن ڀنڀور ۾’ (ڪھاڻيون) ، ‘ريشمي خواب ۽ تنھائي’ (شاعري: 2016) ۽ ”ھانءُ ھارين متان (شاعري) 2017ع“ قابل ذڪر آهن. پاڻ استادي پيشي سان وابستہ رھي . شاھدہ کوکر ڪينسر جھڙي موذي مرض سان جهيڙيندي 11 نومبر 2018ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شاهده کوکر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


شاهده کوکر جا ڪتاب

هانءُ هاريو مَتان، مصنف : شاهده کوکر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
هانءُ هاريو مَتان
مصنف : شاهده کوکر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ