پريم پتافي

شاعر پريم پتافيءَ جو اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 5 مئي 1969ع تي جنم وتو. ھن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ مئٽرڪ 1985ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو مان ڪيائين. 1989ع کان ضلعي گهوٽڪيءَ جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پريم پتافي جو ڏاڏو مولانا عبدالرحمان ”صنيائي“ ۽ پڙ ڏاڏو مولانا بهاؤ الدين ”صنيائي“ پنھنجي دور جا فارسي ۽ سنڌيءَ جا قادر الڪلام شاعر ٿي گذريا آھن. شايد خانداني ورثي پريم پتافيءَ کي بہ ڇڪ ڪئي ۽ ھن 1992ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، سندس شاعري ۽ ادبي مضمون سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن، ٽماھي مھراڻ، سوجهري، ساڃاھه، امرتا، پرک، نئين زندگي وغيرھ ۾ ڇپبي رهي ٿي، سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”روشنيءَ جون اکيون“، رم جهم پبليڪيشن پاران 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جي ارپنا ھن جديد سنڌي شاعريءَ جي ٽمورتي شيخ اياز، استاد بخاري ۽ امداد حسينيءَ جي نالي ڪئي آھي. سندس شاعريءَ تي ھند ۾ غزل جي وڏي نالي واسديو موھيءَ جي مھاڳ کانسواءِ آثم ناٿن شاھي، اياز گل، بيخود بلوچ، مفتون ڪورائي، جميل سومري ۽ شھنيلا علي جا تاثر پڻ لکيل آھن. سندس ڪتاب ”منھنجو ادبي سفر“ ۾ ھن پنھنجي شاعريءَ جو پسمنظر پڻ بيان ڪيو آھي.
 

  • جنم: 1969-05-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image