مسافر ھاليپوٽو

Author Name

پورو نالو: عبدالسلام
ادبي نالو: مسافر هاليپوٽو
پيءَ جو نالو: حاجي رمضان هاليپوٽو
جنم جي تاريخ ۽ هنڌ: 05 فيبروري 1978ع 
ڳوٺ حاجي راهو هاليپوٽو، تعلقه ماتلي، ضلع بدين سنڌ

لکڻ جي شروعات: 1989 کان، جڏهن سنڌي ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندو هئس، 
پهرين تخليق: غزل 
ڇپيل پهرين تخليق: پهريون ئي لکيل غزل 1996 ۾ روزنامه عبرت اخبار جي ادبي صفحي ۾ ڇپيو
ڇپيل: شعري مجموعو ”مسافر وفائون“ 2020 ۾

اڻ ڇپيل ڪتاب:
شاعريءَ جا ٻہ مجموعا
ڪهاڻين جو هڪ مجموعو
نثري ٽڪرن ۽ ڪالمن جو ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب. ۽ کوڙ سارن سنڌي اردو رسالن ۾ مواد ڇپيل آھي ۽ ڇپبو رهي ٿو.

ڪيل ادبي خدمتون:
مهراڻ ادبي سٿ (ماس) سنڌ جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيس.
سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيس،
سنڌي ادبي سنگت بدين جو ضلعي رابطا سيڪريٽري 2022 ۾ رهيس
هن وقت سانوڻ فقير ادبي فورم جو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ماتلي جو سيڪريٽري طور فرض نڀايان پيو

مليل ايوارڊ:
20001 ۾ ڪاوش گروپ پاران سال جي بهترين ڪهاڻيڪار جو سرٽيفڪٽ،
2014 ۾ ڀٽائي آرٽ ڪائونسل ماتلي طرفان مليل ايوارڊ،
 2016.17 ۾ مهراڻ ادبي سٿ پاران مليل بهترين تخليقڪار جو ايوارڊ،
 2020 ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڪتاب ”مسافر وفائون“ جي مهورتي تقريب ۾ جيمخانه ماتليءَ ۾ مليل استاد بخاري ايوارڊ،
 2022، هيومين رائيٽس پاڪستان يونٽ ماتلي پاران بهترين شاعر جو سرٽيفڪٽ

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مسافر ھاليپوٽو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مسافر ھاليپوٽو جا ڪتاب

مُسافر وفائون، ليکڪ : مسافر ھاليپوٽو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مُسافر وفائون
ليکڪ : مسافر ھاليپوٽو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ