احمد شاڪر

Author Name

 نوجوان شاعر، مترجم ۽ نثر نويس احمد شاڪر جو پورو نالو احمد علي گائنچو آهي. 5 فيبروري 1997 تي مڪي (سعودي عرب) ۾ محمد خان گائنچي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ احمد شاڪر جي تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ بي ڪام آهي. هن 2014ع کان لکڻ شروع ڪيو، ڪونج، سڦلتا، ريکائون، ڪينجهر، ڪاوش، عوامي آواز، سوڀ ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون رهن ٿيون. پاڻ سٺو شاعر، نثر نويس ۽ مترجم آهي. سندس هن وقت تائين 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ”قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون“ (ترجمو: 2018ع)، ”ڪوتا جي ڪلا“ (جڳ مشھور ڪتاب ”پوئٽڪ“ جو سنڌي ترجمو 2018ع)، ”هڪ نظر هيڏانھن به“ (مضمون: 2019ع)، ”پور وڇوٽ پاڇا“ (خط: 2020ع)، ”ڪڙو منجھه ڪڙي“ (خط: 2020ع)، ”چچريل لاش“ (ناول:2021ع) شامل آهن. ان کان سواءِ پاڻ نوجوان شاعر رحمت سومري سان گڏ ”ابابيل“ نالي سان ڪتابي سلسلو جاري ڪندو اچي، جنھن جا 8 شمارا پڌرا ٿي چڪا آهن. ابابيل اردوءَ جي آج رسالي جي طرز تي آهي. هو هن وقت ڀٽائي محلي ميھڙ ۾ رهائش پذير آهي.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي احمد شاڪر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


احمد شاڪر جا ڪتاب

پور وڇوٽ پاڇا، ليکڪ : احمد شاڪر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پور وڇوٽ پاڇا
ليکڪ : احمد شاڪر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ