ارشاد سومرو

Author Name

 ناليواري شاعرہ ڪهاڻيڪارہ ۽ ڪالم نويس ارشاد سومرو جو جنم 27 ڊسمبر تي محمد هاشم سومري جي گهر ، ٻپڙ محلي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. (سرٽيفڪيٽ۾ ڄم جي تاريخ 2 اپريل لکيل آهي) هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول رتيديري مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ پرائيويٽ اميدوار طور 1982ع ۾ سکر بورڊ مان حاصل ڪئي، انٽر پرائيويٽ اميدوار طور ،1984ع ۾ سکر بورڊ مان حاصل ڪئي. بي اي پرائيويٽ اميدوار طور 1992ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. ايم اي (سنڌي) 1994ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سي ٽي 1995ع ۾ بورڊ آف ڪريڪيولم جامشورو مان حاصل ڪئي. بي. ايڊ ،1998ع ۾ علامہ اوپن يونيورسٽي اسلام آباد، ايم ايڊ 2003ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي.  ارشاد سومرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ’شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عشقيہ شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ‘ جي عنوان تي ميڊم نورافروز خواجہ جي نگرانيءَ ۾ ايم. فِل ڪري رهي آهي. 
هن لـکڻ جي شروعات 2004ع کان ادبي بورڊ جي رسالي سرتيون کان ڪئي. سندس شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. جن ۾ روزاني عبرت، روزاني سنڌ ايڪسپريس روزاني سوڀ اخبار ۾ ڪيتري وقت کان ڪالم لکندي رهي آهي. سندس ڪھاڻيون۽. شاعري سرتيون ميگزين ادبي بورڊ . ٽہ ماھي مھراڻ ادبي بورڊ، ماھوار ھزار داستان۽ مختلف رسالن ۾ مسلسل ڇپجي رھي آھي. ھن وقت بہ ڇپجي پئي.
ارشاد سومرو 2001ع کان بيڪن هائوس اسڪول سسٽم حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جي استاد طور پڙهائي رهي ھئي.

سندس ڇپيل ڪتاب
1. ’گهڙي غمن جي ڀاري آ (شاعري) (2015ع) سنڌ راڻي پبليڪيشن، 
2. ’درد جو ڇو انت نہ آ‘ (شاعري نئين ڪويتا) (2016ع) روشني پبليڪين،  
3. ”ڌرتيء جي دانھن“، اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم) (2018) سنڌيا پبليڪيشنس، 
4. ”صدين جي اڃ “، (ڪھاڻيون) (2021ع) پيڪاڪ پبليڪيشن، 
5. ”سنڌ سموري گهايل ڇو“ (نئين ڪويتا) (2021ع) مرڪ پبليڪيشن
6. ” ڏات جي ڏيھ ۾“ (ناول) (2022) پيڪاڪ پبليڪيشن
7. ” ستي بيبي “(ڪھاڻيون) 2023 پيڪاڪ پبليڪيشن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. 
8. جڏهن تہ ٽن شاعرن جي گڏيل مجموعي ’پير پير جو پنھنجو پنڌ‘ ، ”سنڌ جون عورت شاعرائون“ ۽ ”مھڪيا گل گلاب جا“ شامل آهن.

 ان کان علاوھہ ستن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد آهي. 

کيس مڃتا طور مليل ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ:
1. اي جي پي بيسٽ ٽيچر اوارڊ 
2. : بيڪن ھائوس اسڪول سسٽم (BSS )طرفان 15 سالن جو سروس سرٽيفڪيٽ
3. سنڌ راڻي ميگزين طرفان بھترين ڪھاڻيڪارہ جو ايوارڊ 2019/20ع
4. Rockford Cambridge School (RCS) طرفان بيسٽ ٽيچر ايوارڊ 2021ع
5. بزم روح رھاڻ حميد سنڌي ايوارڊ 2021ع
6. مخدوم طالب المولي مڃتا ادبي ايوارڊ 2022ع
7. ماھوار عزم پاڪستان ميڊيا ايوارڊ ،2022ع
8. : سرھاڻ مڃتا ايوارڊ 2022ع شامل آهن

 ارشاد سومرو ھن وقت روڪ فورڊ اسڪول ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استاد طور پڙھائي رھي آھي، 2001ع کان2022ع تائين تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، کيس پڙھائڻ جو ايڪويھہ سالن جو تجربو حاصل آهي. ان سان گڏوگڏ ادبي سفر بہ جاري رکيون پئي اچي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ارشاد سومرو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ارشاد سومرو جا ڪتاب

سنڌ سموري گهايل ڇو، مصنف : ارشاد سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ سموري گهايل ڇو
مصنف : ارشاد سومرو
2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ