خادم گهراڻو

شاعر ۽ نثر نويس خادم گهراڻو ولد محمد صديق گهراڻو 5 آڪٽوبر 1967ع تي نصرپور ۾ جنم ورتو. خادم گهراڻو ايم اي (ايڪانامڪس) ۽ بي ايڊ ڪيل، گورنمينٽ هائي اسڪول ٽيچر رھيو. تاريخي جڳهيون گھمڻ، ڪتاب پڙهڻ، انٽرنيٽ جو مثبت استعمال سندس ترجيحاتي مصروفيتون ۽ وندر هئي. خادم گهراڻي شاعري بہ ڪئي، ڪھاڻيون بہ لکيون، مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا، پڙھيل اڪثر ڪتابن تي تبصرا بہ لکيا. سنڌ سلامت ڪتاب گهر طرفان انٽرنيٽ تي سندس ٽي پي.ڊي.ايف ڪتاب “سمنڊ ڪنارو” (شاعري) 2016ع، “هيرن جواهرن جو ٿيلھو” (ٻارن جون ڪھاڻيون) 2016ع،”ٽارين جدا ٿيا گل” (ڪھاڻيون) 2016ع  ۾ آن لائين ٿيا. مطالعي ۾ تاريخي ڪتاب، ڪھاڻيون، شاعري ۽ سفرنامن جي ڪتابن کي خادم گهراڻو اوليت ڏيندو هو. پڙھڻ ۽ لکڻ جو عملي مظاھرو ڪندڙ ھن ليکڪ ڪتابن جي عالمي ڏينھن 23 اپريل 2022ع تي وفات ڪئي.

  • جنم: 1967-10-05
  • ورسي: 2022-04-23
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image