ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري

Author Name

نامياري محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ولد محب علي لغاريءَ جو جنم 11 مئي 1944ع تي ڳوٺ تاجپور، تعلقي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ تاجپور، منڱين جي تڙ ۽ ڏيپر/ منصورہ (هالا) مان حاصل ڪئي. مـئـٽـرڪ 1962ع ۾ تـعـمـيـر ملـت هـاءِ اسڪـول، ڏيـپـر/ مـنـصـورہ (هـالا) مـان، 1965ع ڌاري انـٽـر، گـورنميـنٽ ڪـالـيـج (ڪاري موري) حيدرآباد مان، بي. اي سنڌ يـونيـورسـٽـيءَ مـان 1967ع ۾، ايـم. اي پوليٽيڪل سـائـنـس ۾ سـنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾، ايم. اي سنڌي 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد 1989ع ڌاري غـلام مصطـفيٰ قـاسمـيءَ جـي رهنمائـيءَ ۾ ‘تاجپـور جي لغاري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون’ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ئي درس تدريس سان تمام گهڻو چاھہ رهيو. 1960ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ ‘مجاهد’ نالي لائبرري قائم ڪيائين. 65-1960ع ڌاري شاھہ جي رسالي جو ناياب قلمي نسخو (جنھن ۾ سر سھڻيءَ سان رسالي جي ابتدا ٿيل آهي) شاھہ ولي الله اورينٽل ڪاليج لائبرري، منصورہ، هالا ۾ تحفي طور ڏنو. اهو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘شاھہ جو رسالو’ (ڏھہ جلد) جي حوالن ۾ منصورہ جي رسالي طور ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ بہ سندس سون جي تعداد ۾ ڪتاب مدرسہ جامعة العلوم اسلاميہ، منصورہ کي عطيي طور ڏنل آهن. پاڻ 1963ع کان 1967ع تائين جامعہ  عربيہ ڪاليج حيدرآباد جو انچارج پڻ رهيو. کيس مختلف ملڪن جي سڪن گڏ ڪرڻ جو بہ ڪافي شوق رهيو، جيڪي بہ هن شاھہ ولي الله اورينٽل ڪاليج، منصورہ، هالا کي تحفي ۾ ڏنا. عملي زندگيءَ ۾ 1966ع کان 1979ع تائين ماهوار رهبر ڊائجسٽ جو مدير رهيو. سندس ادارت ۾ هڪ سؤ کان مٿي پرچا شايع ٿيا. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ ماهوار سائنس مئگزين جي ادارت سنڀاليائين. 1979ع کان 1989ع تائين ‘نئين زندگي’  رسالي جو مدير ٿي رهيو. سندس ادارت ۾ ڪجهہ خاص نمبر پڻ شايع ٿيا، جن ۾ سيرت نمبر، هجري نمبر، شاھہ لطيف نمبر، سچل نمبر ۽ شاھہ عنايت نمبر وغيرہ شامل آهن. 1990ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر (هيڊ ڪوارٽر) اسلام آباد جو اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر رهيو. 1993ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر، حيدرآباد ۾ ساڳئي عھدي تي فائز رهيو. 1997ع کان 2004ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. 2005ع ۾ هڪ سال تائين ‘وينجهار’ رسالي جو ايڊيٽر رهيو. جڏهن تہ  2007ع کان 2017ع تائين شاھہ ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن ادبي دنيا ۾ لکڻ جو آغاز 1966ع ڌاري ڪيو. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 40 کان مٿي آهي. جن ۾ (1) ‘تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار’ (پي. ايڇ. ڊيءَ جو تحقيقي مقالو: 1989ع)، (2) شيشي جي ديوار (ڪھاڻيون: 1975ع)، (3) ننگي لاش جو سفر (ناول: 1976ع)، (4) سنڌ جو عظيم ڪردار سردار نواب ولي محمد خان (1992ع)، (5) تحريڪِ آزاديءَ ۾ سنڌ ڪا ڪردار- 1843ع کان 1920ع- ۽ حُر تحريڪ (1992ع)، (6) تحريڪ آزادي ۾ سنڌ ڪا ڪردار 1921ع کان 1947ع تائين (1992ع)، (7) حميدہ ديوان: والي واحد وحدہ (1998ع)، (8) سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ (1998ع)، (9) نعتيہ ديوان: سچو سرور صلي الله عليه وسلم (2000ع: جنھن تي کيس صدارتي اوارڊ مليو)، (10) شيشي جو گهر (ڪھاڻيون: 2001ع)، (11) ترقي پسند ادب جو فڪري جائزو (2000ع)، (12) دل جي دنيا (ترتيب: 1968ع)، (13) تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، (14) سھڻا گل سنڌ جا (سوانح عمريون: 2003ع)، (15) جھڙو پسڻ پرينءَ جو (بياض 1: 2004ع)، (16) رسيلا رنگ (بياض 2: 2004ع)، (17) سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (2006ع)، (18) سنڌ جا صوفي شاعر (2007ع)، (19) حضرت شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (2009ع)، (20) ڄامن سندو ڄام (2011ع)، (21) نواب ولي محمد خان، نواب احمد خان، فقير ولي محمد خان ۽ سندن اولاد (2012ع)، (22) حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (ترتيب: 2010ع)، (23) آزاديءَ جي هلچل ۾ سنڌ جو حصو (2011ع)، (24) غالبِ سنڌ: فيض بخشاپوري (ترتيب: 2011ع)، (25) سنڌي زبان (ترتيب: 1967ع)، (26) ادبي جواهر (ترتيب: 1968ع)، (27) ادبي خزانو (ترتيب: 1969ع)، (28) مشرق و مغرب (ترتيب: 1968ع)، (29) روضي جو فلسفو (ترتيب: 1968ع)، (30) ماڻڪ ۽ موتي (ترتيب: 1969ع)، (31) يا خدا (ترتيب: 1969ع)، (32) شاھہ ولي الله ڪي نظر ۾ جھاد اور اجتھاد (ترتيب: 2008ع)، (33) تفسير علق الرحمٰن (ترتيب: 2007ع)، (34 'شاھہ ولي الله دهلوي: سوانح و افڪار (ترتيب: 2009ع: اردو)، (35) ننگن جو نواب (ننگ نمبر: ترتيب: 1973ع)، ۽ (36) رگويد کان شيخ اياز تائين (ماهوار وينجهار ۽ ساوتري ڪوٽول مل ۽ رام پنجواڻيءَ جي تنقيدي مضمونن جي ترتيب: 2005ع) شامل آهن. هن حيدرآباد ۾ عابد اويسي رهبر اڪيڊمي نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو. جنھن ۾ سندس ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن، جھڙوڪ: منصورہ منھنجي ماءُ، مقالاتِ عابد، منھنجي دل منھنجا جگر: پروفيسر عبدالقادر ۽ پروفيسر عبدالڪريم، لطيف شناسي (ليڪچرن تي مبني)، منھنجو من مڪو مدينو، ملاقاتون (اهم شخصيتن جي تحريري انٽرويوز تي مشتمل)، صوفياءِ ڪرام جو پيغام: امن و آشتي اتحاد و يڪجھتي، هزار داستان- يارن جو يار عابد، اهم واقعات عابد ۽ راز و نياز اهم آهن. سندس خدمتن ۽ علمي ادبي پورهيي عيوض کيس صدارتي اوارڊ، شاھہ لطيف اوارڊ، پاڪستان نيشنل اوارڊ، غالب سنڌ فيض بخشاپوري اوارد، نئين زندگي گولڊن جوبلي اوارڊ، جي ايس ملٽي نيشنل اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ مليا آهن. ڊاڪٽر عابد جا ڪيترائي تحقيقي مضمون سنڌي توڙي اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان شايع ٿيندا رهيا . هن جو ڪيترين ئي ادبي تنظيمن سان واسطو رهيو. پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ رهبر ادبي سوسائٽيءَ طرفان سيمينار ۽ ڪانفرنسون بہ منعقد ڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد 25 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جا ڪتاب

شيشي جو گهر، ليکڪ : ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شيشي جو گهر
ليکڪ : ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري
ادبي جواھر : سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (اوائلي دور کان ورھاڱي تائين)، مصنف : ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ادبي جواھر : سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (اوائلي دور کان ورھاڱي تائين)
مصنف : ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ