ميان مير چانڊيو

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ ليکڪ ميان مير چانڊيو جو اصل نالو مير خان چانڊيو آهي. سندس والد جو نالو محمد خان چانڊيو آهي. سندس جنم ۲۳ جنوري ۱۹۶۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ ٻانھون چانڊيو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو مان پاس ڪري، انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين.
سال ۱۹۹۰ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ “يادن جو ڪوهيڙو” جي عنوان سان ڪالم لکيائين. روزاني عبرت اخبار حيدرآباد ۾ ”يادن جو ڪوهيڙو”جي عنوان سان ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۲ع تائين ڪالم لکيائين. روزاني سنڌ، روزاني سوال، روزاني تعمير سنڌ ۾ مختلف عنوانن تي مضمون ۽ ڪالم لکيائين. ان سان گڏوگڏ ھو شاعري به سٺي ڪندو آهي، جيڪا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي، ۲۰۱۶ع کان روزاني سنڌ ايڪپريس ۾ مستقل طور هفتيوار ڪالم لکيائين.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر” ۲۰۰۷ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب “اڌ صديءَ جو اتھاس” (آتم ڪهاڻي) ۲۰۱۳ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس ٽيون ڪتاب ”وهندڙ ندي ۽ لھندڙ سج“ (مضمونن جو مجموعو) ۲۰۱۶ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس چوٿون ڪتاب ”ٿڌيون راتيون ٿڪل چنڊ” ۲۰۱۹ع ۾ موسيٰ پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.  

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ميان مير چانڊيو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ميان مير چانڊيو جا ڪتاب

سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر، مصنف : ميان مير چانڊيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر
مصنف : ميان مير چانڊيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ