ڊاڪٽر غلام رسول سومرو

Author Name

غلام رسول سومرو ولد محمد اسماعيل سومرو اصل ڳوٺ عاقل تعلقو لاڙڪاڻو، پيدائش بيراج ٽائون شپ ورڪس روڊ سکر، رڪارڊ موجب ڄم جي تاريخ  8 فيبروري 1946ع ۾ ٿي. پيدائش جو اصل سال 1943ع اٿس. پرائمري تعليم، مسلم اسڪول  علي گوهر آباد لاڙڪاڻي مان 1955ع ۾، انٽر ميڊييٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان 1965ع ۾، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان 1967ع ۾ ۽ ماسٽرس سنڌي سبجيڪٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان 1970ع ۾ پاس ڪيائين. پي۔ ايڇ ۔ڊي ڪراچي يونيورسٽي مان 1992ع ۾ ڪيائين. 
1963 کان 1973 تائين ٽيڪسٽائل جي وارپ نٽنگ جي شعبي ۾ نٽنگ آپريٽر جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مختلف ملن ۾ ڪم ڪيائين. فيبروري 1973ع ۾ لياري سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي شعبي جي ليڪچرار جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪري جي شروعات ڪيائين. 1982 ۾ بدلي ٿي گورنمينٽ دهلي ڪاليج ڪريم آباد ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ 20 گريڊ ۾ ايسوسي ايٽ پروفيسر ٿيو ۽ 2006ع ۾ رٽائرمينٽ تائين ڪراچيءَ ۾ رھيو.
لکڻ جي شروعات گريجوئيشن دوران مضمون لکڻ سان ڪيائين. ھو مختلف رسالن جھڙوڪ: اديون، مھراڻ، نئين زندگي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ مان نڪرندڙ اردو ۽ سنڌي رسالن ۾ لکندو رھيو آھي. مڊويڪ جنگ اخبار ۾ ڪجهہ مھينا سنڌوءَ جي تھذيب تي ڪالم لکيائين. قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي ۾ ٽرانسليٽر جي حيثيت ۾ ترجمو پڻ ڪندو رھيو آھي. ھن  ڪتاب ”تحريڪ آزادي“،  ”قرارداد پاڪستان“، ”علامہ اقبال“ ذاتي حيثيت ۾ ڇپايا. انکانسواءِ سندس ڇپيل ڪتابن ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جو مقالو ”لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي تاريخ (ورهاڱي کان اڳ)“، ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون (آتم ڪٿا)“،  ”ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون (سفرنامو)“ ۽ ”جيءُ جيارو جن (شخصيتن بابت خاڪا)“ ڇپيل آھن. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر غلام رسول سومرو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر غلام رسول سومرو جا ڪتاب

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون، ليکڪ : ڊاڪٽر غلام رسول سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون
ليکڪ : ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون، مصنف : ڊاڪٽر غلام رسول سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون
مصنف : ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
جيءُ جياريو جن، مصنف : ڊاڪٽر غلام رسول سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جيءُ جياريو جن
مصنف : ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ