ڪوڙومل چندن مل کلناڻي
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشھري فيروز، ضلعي نوابشاھ ۾ 5 آڪٽوبر 1844ع تي ڄائو. سندس جنم جو نالو پريتم ھو، پر جيئن تہ اڳ ڄاون مان ڪو بہ بچيو نہ ٿي، ان ڪري سندس نالو بدلائي ’ڪوڙو مل‘ رکيو ويو. ننڍپڻ ۾ کيس لکڻ پڙهڻ سان گهڻو چاھ ھو. سنڌي ۽ فارسي ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾، آخوند قاضي محمد سليمان جي مڪتب ۾ پڙهيو. بھار دانش ۽ سڪندرنامي تائين فارسي پڙهي چڱو محاورو حاصل ڪري ورتائين. 14 ورهين جي ڄمار ۾ اڪيلو اُٺ جي 120 ميل مسافري ڪري حيدرآباد ۾ وڃي انگريزي پڙهيائين، تڏهن اڃا ريل گاڏي چالو ڪانہ ٿي ھئي.
ديوان ذھين ۽ تيز فھم ھو، ان ڪري سنڌ جي تعليمي انسپيڪٽر کيس پھريون شاگرد مترجم (Boy translator) ڪري مقرر ڪيو، جنھن لاءِ کيس ماھوار 25 روپيا وظيفو ملڻ لڳو. سنڌ مان پھريان 4 ڄڻا: (1) ديوان ڏيارام ڄيٺمل، (2) ديوان چوھڙ مل پنجابي، (3) ديوان نولراءِ شوقيرام ۽ (4) ديوان ڪوڙو مل ھئا، جي بمبئيءَ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ويا. انھن چئن اميدوارن مان فقط پھريان ٻہ ڄڻا ڪامياب ٿيا. ديوان ڪوڙي مل وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو. ملازمت: ديوان ڪوڙي مل کي پھرين ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي آفيس ۾ 30 روپيا پگهار تي ڪلارڪي ملي. ھن انھيءَ وقت جاميٽريءَ جو پھريون ۽ ٻيو ڪتاب ’اقليدس‘ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو ھو. جاميٽريءَ جا ھن وقت جيڪي لفظ ۽ اصطلاح موجود آھن، سي سڀ ڪوڙي مل جا متعارف ڪرايل آھن. ھن اھي فارسي ڪتابن مان ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا. ڪوڙي مل کي جلد ئي تعليم کاتي ۾ آڻي، پھرين حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾ نائب ماستر ۽ پوءِ سکر ۽ حيدرآباد جي نارمل اسڪولن ۾ ھيڊماستر، 150 روپين پگهار تي مقرر ڪيو ويو، جتان سگهو ئي پوءِ سنڌي ٽرانسليٽر جي عھدي تي مقرر ٿيو. ان عھدي تي مقرريءَ دوران ڪوڙي مل سنڌي درسي ڪتابن سميت ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيا. اُن وقت ديوان صاحب جي قابليت ڏسي، کيس سکر سِٽي سروي جي ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو ۽ ھن تسلي بخش ڪم ڪري ڏنو. روينيو ۽ جڊيشل امتحان پاس ڪرڻ بعد ڪوڙو مل پھرين شڪارپور جو ۽ سگهو ئي پوءِ حيدرآباد جو سٽي مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. سندس ھوشياري، منصف مزاجي، بي ريائي ۽ ايمانداريءَ سبب جلد کيس ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو، جنھن عھدي تي ست سال روھڙيءَ ۽ ھالا ڊويزنن ۾ ڪم ڪيائين. ديوان صاحب خوشامد ۽ رسائيءَ مان نہ ڄاڻندو ھو، ان ڪري ڪمشنر آرسڪن جي دؤر ۾ ڪن عملدارن جي ناراضپي سبب کيس روينيو کاتي مان ھٽائي، اصلوڪي تعليم کاتي ۾ ٽرانسليٽر ڪري رکيو ويو. جڏهن انڪمبرڊ ايسٽيٽ کاتو کليو تہ کيس اسسٽنٽ مئنيجر مقرر ڪيو ويو ۽ سگهو ئي سندس قابليت کي ڏسي ساڳئي کاتي جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ان کاتي ۾ آءِ. سي. ايس عملدار مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ويا تہ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب، ديوان ڪوڙي مل سان ھمصلاحي ٿي، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد قائم ڪيو ۽ ان جو پھريون پرنسپال ديوان ڪوڙو مل مقرر ٿيو.
ھن تعليم کاتي ۾ جملي 25 ورهيہ ملازمت ڪئي. ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپاليءَ جي عھدي دوران ديوان صاحب ڪي ورهيہ حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ ھيلٿ آفيسر ٿي بہ ڪم ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي صحت جي سڌاري جون رٿون سندس تحرڪ سان منظور ٿيون. سال 1897ع ۾ جڏهن پھريون ڀيرو قھري مھامريءَ (پليگ) جو مرض پکڙيو تہ ديوان صاحب حيدرآباد ۾ پليگ آفيسر مقرر ھو. ان ڏکئي وقت ۾ ديوان صاحب ماڻهن جي جيڪا سھائتا ڪئي، سا مثالي ۽ تحسين جوڳي ھئي. ھن پليگ جي بيماريءَ کان بچاءَ لاءِ ’مھامري، تنھن مان ڪھڙي مت سري‘ ڪتاب بہ لکيو. 1899ع ۾ ديوان صاحب رٽائرمينٽ ورتي. ايمانداريءَ ۽ قابليت سان تعليم جي خدمت ڪرڻ ۽ پليگ وقت ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري سندس ڪارنامي کي مدنظر رکي سرڪار کيس ’راءِ بهادر‘ جو لقب ڏنو ۽ سگهو ئي 1160 ايڪڙ زرعي زمين جا بہ نالي طور کيس مالڪاڻي تي ڏنا ويا. پينشن تي لهڻ کان پوءِ ديوان ڪوڙو مل ڪجھه وقت انگريزن لاءِ ڏيھي ٻولين ۾ ممتحن مقرر ٿيو ۽ سگهو ئي پوءِ پئنچاتي سُڌاري جو ڪم ھٿ ۾ کڻي ساھتي پرڳڻي جي جدا جدا ڳوٺن ۾ ڦٽل پئنچاتن کي سڌاري گڏائي ھڪ وجود ڪيائين ۽ ڪيترا سماجي سڌاري جا ڪم ڪيائين. ڳوٺن ۾ بيھودين رسمن، شادين ۽ ڏيتي ليتيءَ جي اجاين خرچن گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪيائين. پنھنجي ڳوٺ ۾ اول درجي جو ھاءِ اسڪول قائم ڪرايائين، جيڪو ڪي. سي. اڪيڊمي (Koro mal Chandan mal Academy) سڏيو ويو. ڇوڪرين جو اسڪول ۽ پبلڪ لائبرري قائم ڪرايائين. سنڌ جي تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪميٽيءَ تي ڪيترا سال رهيو. سنڌ ۽ ھند جي ڪيترين تعليمي ۽ ٻين سماج سڌار تنظيمن جو ميمبر رهيو. بمبئيءَ جي گورنر 1916ع ۾ جيڪا تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي، ان ۾ سنڌ مان فقط ٽن ڄڻن: ديوان ڪوڙي مل، مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان بولچند ڏيارام کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو، مطلب تہ ديوان ڪوڙي مل سماجي، اخلاقي ۽ تعليمي سڌاري لاءِ سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪيو، ان ڪم ۾ ساڻس ديوان ڏيارام گدو مل بہ شامل ھوندو ھو. ديوان ڪوڙو مل شخصي ۽ گهرو گهُرجن کي گهٽائي، غريبن مسڪينن کي تعليم پرائڻ لاءِ مدد ڪندو ھو. 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪا انڊين نيشنل سوشل ڪانفرنس ٿي، ان جو يڪراءِ صدر ديوان ڪوڙي مل کي بنايو ويو ۽ اتي انگريزيءَ ۾ ڪيل سندس تقرير يادگار ليکي وڃي ٿي. ديوان ڪوڙو مل، بنگال جي ڪيشپ چندرسين جي سماجي خدمتن کان متاثر ٿي، ساڌو ھيرانند ۽ نولراءِ جي ساٿ ۾ برهمو سماجي بہ ٿي رهيو.
ديوان ڪوڙي مل 16 ڊسمبر 1916ع تي 73 سالن جي ڄمار ۾ ڀريا ۾ لاڏاڻو ڪيو. ڪوڙي مل چندن مل جي قلمي پورهئي، ڪتابن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو: (1) پڪو پھہ (زناني تعليم بابت: 1862ع)، (2) ڪولمبس جي تاريخ (1862ع)، (3) اقليدس (جاميٽري ڪتاب پھريون)، (4) اقليدس (ڪتاب ٻيو)، (5) اقليدس (ڪتاب ٽيون: 1866ع)، (6) سنڌي درسي ڪتاب چوٿون (1873ع)، (7) سنڌي درسي ڪتاب پنجون (1874ع)، (8) سنڌي درسي ڪتاب ڇھون (1875ع)، (9) سنڌي درسي ڪتاب ستون (1876ع)، (10) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو پھريون : 1885ع)، (11) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو ٻيو: 1885ع)، (12) آغاز علم حڪمت (1886ع)، (13) رتـنـاولـي (ناٽڪ: 1888ع)، (14) سنڌي پھاڪا (1888ع)، (15) سنڌي ڳجهارتون (1888ع)، (16) پراڻي شاستر (A Treatise on Biology: 1891ع)، (17) ٻـاراڻـا گـيـت (1891ع)، (18) ٻـاراڻيـون آکاڻيـون (1891ع)، (19) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو ٽيون: 1892ع)، (20) علم ڪيميا (پروفيسر راسڪر جي ڪتاب تان ورتل: 1892ع)، (21) سئنيٽري پرائيمر، (22) زاھدہ رابعا بصري، (23) ليکي جو ڪتاب، (24) کيتي (ڀاڱو پھريون: 1897ع)، (25) مھامَري، تنھن مان ڪھڙي مت سَري (1897ع)، (26) سيتلا جي ٽڪن ڏيارڻ بابت (1987ع)، (27) سنگ جو پرسنگ (چھچٽو: 1899ع)، (28) جيوَن اِندري شاستر (حيوانات ۽ نباتات جي بناوت جو علم: 1900ع)، (29) پدارٿ سکيا (1900ع)، (30) کيتي (ڀاڱو ٻيو: 1901ع)، (31) ڦول مالا (1902ع)، (32) آريہ ناري چريتر (1905ع)، (33) نؤ سنيھتا (نئون نياپو: 1905ع)، (34) ريوتي (اٿوا آپدا ڪـال ۾ ڌيءَ جـي پــيءُ سـان سھائتا: 1905ع)، (35) ھندستان جي تاريخ، (36) قصو مک ۽ ڪوريئڙي جو، (37) ڀڄن مالا، (38) ٻاراڻا ڀڄن ۽ پرارٿنا، (39) سنت جئديو جو جيوَن چريتر (1906ع)، (40) ٽھڪ تي ٽھڪ (ٽوٽڪا ۽ لطيفا: 1906ع)، (41) مھاتمائن جا درشن (1907ع)، (42) راجا رام موھن راءِ جو جيوَن چريتر (1907ع)، (43) ڀلمانسي ۽ پئنچاتون ڇو ڦِٽيون آھن؟ (ٻہ مضمون: 1907ع)، (44) ڀڳت جيونيون (1908ع)، (45) سنت نامديوَ جو جيوَن چريتر (1908ع)، (46) ڀڳتن جون ساکيون (1908ع)، (47) چيتن ديوَ جو جيوَن چـريــتـر (1912ع)، (48) راج رشي ڀيشم پتامهه جو جيوَن چريتر (1914ع)، (49) راڌا راڻـي (بنڪـم چـئٽرجيءَ جي بنگالي ڪتاب جو ترجمو: 1914ع)، (50) دادو سنت جو جيوَن چريتر (1914ع)، (51) کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي (بنگاليءَ تان ترجمو: 1915ع)، (52) ٻہ منڊيون (بنڪم چئٽرجيءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1916ع)، (53) ندورو ھار (ٽئگور جي ڀيڻ گهوشال جي ڪتاب جو ترجمو: 1916ع)، (54) انديرا آکاڻي (بنڪم چئٽرجيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، (55) چندر مکي (ناول: 1918ع)، (56) ھري درشن (ديوندرناٿ ٽئگور جون روحاني سمجهاڻيون: 1930ع)، (57) روھني (ناول: 1915ع ۾ لکيل، ڇپيل: 1937ع)، (58) مھاتما پون آھاري بابا (1915ع ۾ لکيل، ڇپيل: 1937ع).
- جنم: 1844-10-05
- ورسي: 1916-12-16
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل