ادا قاضي

Author Name

سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نويس ادا قاضي، 8 فيبروري 1937ع تي ميرو خان، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ڊرائنگ ٽيچر ڪورس ڪرڻ بعد ايم. اي اڪنامڪس 1985ع ۾ ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي کيس ڪتابن پڙهڻ جو ذوق هو. 1984ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ڪاري(ڪهاڻيون)، شاھ لطيف جي شاعريءَ جو جديد مطالعو (تحقيقي مقالا)، سام (ڪهاڻيون-1998ع)، ٽياس(ڪهاڻيون-2002ع)، آخري ڪاغذ(ڪهاڻيون-2010ع)، ۽ چَهَرِ(ڪهاڻيون-2010ع) شايع ٿيل آهن، جڏهن تہ ڪجهہ ڪتاب وٽس اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ادا قاضي ڊراما بہ لکيا جن کي گهڻي پذيرائي ملي. سندس مشهور ڊرامن ۾ حوصلو (سولو پلي)سنڌ ٽي وي تي نشر ٿيو. اهڙي ريت ’ڪهاڻي‘، ’فريم ٿيل محبتون‘،’جونيئر‘ ۽ ’انٽرويو‘ ڊراما ڪي ٽي اين تان نشر ٿيا.سندس ڪيترائي ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ادا قاضي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ادا قاضي جا ڪتاب

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت (جديد مطالعو، مصنف : ادا قاضي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت (جديد مطالعو
مصنف : ادا قاضي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ