پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي

Author Name

پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي جماعت إسلامي سنڌ جو دانشور، مصنف، ۽ شعلہ بيان مقرر رھيو آھي. پاڻ 23 مئي 1929ع ۾ ٽنڊو سومرو ۾ پيدا ٿيو، پرائمري پنھنجي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ ٽنڊو باگو مان مئٽرڪ ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي انگريزي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سندس انتقال 4 مارچ 2000 ع ۾ ٿيو.
نظاماڻي صاحب، قلم جو ڌڻي تہ هو ئي پر تقرير جي فن ۾ بہ سندس ڪو ثاني ڪونہ هو. کيس انگريزي زبان تي دسترس هئي. ڀٽائي ۽ اقبال جا هزارين شعر ۽ شيڪسپيئر جا ڊائلاگ ازبر هئا. انهن کي موقع ۽ مھل تي استعمال ڪرڻ ۾ ماھر هو. 1970ع جي اليڪشن ۾ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الھيار جي پرنسپال هئڻ سبب استعيفا ڏئي جماعت اسلامي جي ٽڪيٽ تي اميدوار هو. 
پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي علمي ۽ ادبي ڪم تي هڪ نظر :

1. سيرت طيبہ ٻہ جلد
2. جن چيو ﷲ اسان جو رب آهي، 4 جلد
3. ٽيھہ ڪوڙا نبي
4. ٽي ڏهٽا
5. لطيف ۽ اقبال
6. سوشلسٽ جي ڊائري
7. ليليٰ جا خط
8. معارف الحديث جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو (مڪمل)
9. ھار ھوئي يا جيت (اردو ناول)

ان کان علاوہ ستر جي ڏهاڪي ۾ الوحيد اخبار، آئينو، سنڌي ڊائجيسٽ، جنگ اخبار ۾ ڪالم، وينجهار ۾ مضمون پڻ لکندو رهيو. ڪجهہ عرصو الوحيد اخبار جو ايڊيٽر بہ رهيو. پاڻ 1965ع ۾ "سنڌي ادبي انجمن" ۽ 1969ع ۾ مسلمان پبلشنگ هائوس بہ قائم ڪيائون . 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي جا ڪتاب

اسان جا ٻہ عظيم شاعر شاھہ لطيف ۽ علامہ اقبال، مصنف : پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسان جا ٻہ عظيم شاعر شاھہ لطيف ۽ علامہ اقبال
مصنف : پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي
اسلامي زندگي (بنيادي ڳالھيون)، سنڌيڪار : پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسلامي زندگي (بنيادي ڳالھيون)
سنڌيڪار : پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ