مير عبدالحسين سانگي
مير عبدالحسين خان ’سانگي ‘:شھداداڻي خاندان جو آخري فرمان روا، شاعر، نثر نويس ۽ افسانہ نگار، مير عبدالحسين خان سانگي، مير عباس علي خان ٽالپر جو فرزند ھو. سندس سنڌي شاعريءَ ۾ تخلص ”سانگي“ ۽ اردو ۽ فارسيءَ ۾ ”عبدالحسين“ ھو. مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري دور ۾ ھڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي ھئي. جنھن مان 1851ع ۾ عبدالحسين خان سانگي پيدا ٿيو. ٻي شادي پھرين زال جي مرڻ کان پوءِ ڪيائين، جنھن مان کيس مير احمد حسين ڄائو، جنھن ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، جڏهن مير عبدالحسين ڇھن ورهين جو ھو تہ سندس والد جو ڪلڪتي ۾ انتقال ٿيو ۽ پاڻ پنھنجي چاچي مير حسن علي خان سان گڏ رهڻ لڳو. 1863ع ۾ مير حسن علي خان جڏهن سنڌ واپس آيو تہ مير عبدالحسين خان بہ ان سان گڏ سنڌ آيو. ڪجھه وقت سانگي پنھنجي چاچي مير حسن علي سان رهيو، پر پوءِ مير صاحب، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان سان گڏ رهيو. جتي سندس والدہ بہ رهندي ھئي. مير سانگيءَ کي ڪلڪتي ۾ فارسي تعليم، سيد ميرزا حسن علي عرف ميرزا بزرگ ”وفا“ کان ملي. سنڌ ۾ اچڻ بعد سندس سنڌيءَ جو استاد آخوند احمد ولد آخوند عبدالعليم ھالائي مقرر ٿيو. فارسي ۽ اردو شعر ۾ مولانا ابوالحسن لکنويءَ ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ سيد غلام محمد شاھ ”گدا“ سندس استاد ھئا. مير عبدالحسين جڏهن اوڻيھن سالن جو ٿيو تہ کيس ”هزھائينس“ جو خطاب مليو. سانگيءَ جي عمر جا پھريان ويھه سال پنھنجي وڏن جي سايي ۾ آرام ۽ آسودگيءَ ۾ گذريا، پر 1871ع ۾ مھراڻ جي ڪيٽيءَ ۾، جتي پاڻ شڪار ڪرڻ ويندو ھو، اتي ھڪ ڀيري شڪار ڪندي اوچتو سندس نظر ھڪ مھاڻي ذات جي عورت تي پئي، جنھن جي ھڪ ئي نظر سندس ھوش وڃائي ڇڏيا. سانگي آيو تہ شڪار ڪرڻ لاءِ ھو پر ھاڻي پاڻ شڪار ٿي ويو ۽ بيساختہ چئي ڏنائين: پــاڻ آھيان شـڪـار ٿـيـو ھاڻي ”سانگي“ ڪھڙو وڃي شڪار ڪريان آخرڪار عشق رنگ لاتو ۽ مير صاحب ملاح ڇوڪري بيبي حاجران کي نڪاح ۾ آندو. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي تي پاڻ جمعي جي رات حاضري ڀرڻ ويندو ھو ۽ صبح جو حيدرآباد ورندو ھو. مير صاحب ۽ سندس گهر واري بيبي حاجران کي چار سال مس ٿيا، جو بيبي حاجران 24 رمضان 1291هه/ 1874ع ڌاري گذاري وئي. مير صاحب پنھنجي ھن گهر واريءَ جي مڙهه کي ڀٽ شاھ کڻائي ويو ۽ حضرت شاھ عبداللطيف جي روضي جي ڇانو ۾ دفن ڪرايائين. سانگيءَ جي زندگيءَ جو ٻيو دور 1877ع کان شروع ٿئي ٿو. جنھن ۾ ھن ھڪ انگريزياڻي، ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. ھي دور بہ سانگيءَ لاءِ عجب ھو. اھل ۽ عيال جي پرورش، نالي ماتر پينشن، (1807ع ۾) مير حسن علي خان جي وفات ۽ ملڪيت جي مقدمي جي ناڪاميءَ سانگيءَ جي دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ڪيو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ کي شاعري ورثي ۾ ملي ھئي ۽ ھن پنھنجي شاعريءَ جو آغاز اردو شاعريءَ سان ڪيو ھو. جيئن تہ مير صاحب جي پيدائش ڪلڪتي ۾ ٿي ھئي، ان ڪري ننڍپڻ جا ست اٺ سال اتي ئي گذاريائين. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس تعليم لاءِ جيڪي استاد مقرر ٿيا، تن مان ھڪ مولوي سيد ابوالحسن لکنوي ھو، جيڪو پاڻ بہ شاعر ھو. مير صاحب کي اردو شاعريءَ جو ذوق مولانا صاحب جي صحبت ۾ ٿيو. بعد ۾ سنڌي شعر چوڻ لڳو. سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪيائين. سانگي عالم، اديب ۽ عاشق مزاج شاعر ھو، سندس علمي وسعت سندس شاعرانہ شعور ۾ اضافو ڪيو، جنھنڪري ھن شاعريءَ جي مقصد کي سمجهيو ۽ خاص ڪري نئين سنڌي شاعريءَ جي رائج رجحانن توڙي نين تقاضائن کي محسوس ڪيو ۽ ان ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي. ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سانگيءَ غزل ۾ نئين ماحول ۽ ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڪامياب تجربو ڪيو. ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ شيراز ۽ اتان جي باغن ۽ بلبلن جي ذڪر بجاءِ حيدرآباد ۽ سنڌو درياھ جي ڪناري کي ڳايو. مھراڻ جي ڪيٽيءَ ۽ گهاري کي حافظ جي مصليٰ ۽ رڪن آباد سان تشبيھه ڏنائين. ڊاڪٽر محمد ابراھيم خليل مير سانگي جي باري ۾ لکيو آھي تہ ”سانگي سنڌي ٻوليءَ جو اھو پھريون شاعر آھي، جنھن موزون شاعري ۾ قدرتي نظارن تي دلچسپ نموني لکيو آھي ۽ تخيلات جي دائري کان نڪري حقيقت نگاري ۾ قدم رکيو آھي.“
سانگي جنھن دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو، اھو سنڌ تي انگريزن جي اوائلي قبضي ۽ تسلط وارو دور ھو. جنھن نئون سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول پيدا ڪيو. سياسي لحاظ کان انگريزن جي غاصبانہ قبضي جي ڪري ھڪ تہ وطن جي آزادي ختم ٿي ٻيو تہ سندس خاندان تي زوال آيو ۽ تڪليفن مٿان تڪليفون آيون. سانگي پنھنجي ھر شعر ۾ وطن تي فرنگيءَ جي قبضي، وطن جي تباھي ۽ ويراني، عزيزن دوستن کان دوريءَ جو ذڪر کليءَ طرح ڪيو آھي.
انهي غلاميءَ ۾ مير صاحب جنھن بهادريءَ سان انگريزن خلاف قلم کنيو، ان جو مثال ھمعصر شاعرن ۽ اديبن وٽ نہ ٿو ملي. وطن جي ويرانيءَ سان گڏ مير صاحب کي پنھنجي خاندان جي زوال ۽ ڌارين جي نا انصافين جو احساس ھو. سانگي پھريون سنڌي شاعر ھو، جنھن پنھنجي شعر ۾ وطن پرستيءَ ۽ قوميت جي جذبي جو اظھار ڪيو ۽ ڌارين جي غلاميءَ خلاف آواز بلند ڪيو. مير صاحب جوانيءَ وارو زمانو شعر شاعريءَ ۽ شڪار جي شوق ۾ گذاريو. کيس مئجسٽريٽ بہ بنايو ويو. ان وقت مير صاحب جي عمر 27 سال ھئي ۽ 45 سال ھن عھدي تي فائز رهيو. 1922ع ۾ ھن عھدي تان استعيفا ڏيڻ چاھيائين ٿي، پر وقت جي ڪليڪٽر اصرار ڪيو تہ توھان ڪيس ھلائيندا رهو. سندس عمر بہ وڏي ھئي پر ڏکن سانگيءَ کي پيري ۾ داخل ڪري ڇڏيو ھو، ان ڪري مير صاحب ڪيس ھلائڻ بند ڪري ڇڏيا. حيدرآباد شھر ۾ مير صاحب کان سواءِ مير شاھنواز خان پٽ مير علي قاسم خان آنرري مئجسٽريٽ ھو پر پھرئين ڪلاس جا پاور فقط سانگيءَ، قاضي امام علي ۽ ديوان جڳت راءِ کي مليل ھئا.
سانگي مئي 1924ع ۾ بيمار ٿيو ۽ 12 جون 1924ع مطابق 8 ذيقعد 1342 ھه ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش مير عباس علي خان واري مقبري ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ۽ ڇھن مھينن بعد سندس وصيت مطابق سندس مڙهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مقبري جي صحن ۾ سندس پھرين گهر واريءَ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. مير صاحب حضرت شاھ عبداللطيف جي ڪلام جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ شاھ سائينءَ جي سوانح حيات ۽ سندس ڪلام تي ابتدائي قلم کنيو. سانگيءَ جون جيڪي تصنيفون ھن وقت تائين مليون آھن: سي ھن ريت آھن. (1) سوز سانگي (ڪافيون)، (2) لطائف لطيفي (حضرت شاھ عبداللطيف جي سوانح فارسي)، (3) ديوان سانگي (ٽي جلد)، (4) ڪھاڻي محبت ھاڻي، (5) قصص راحت افزا، (6) آکاڻي رات وھاڻي، (7) قصه دلچسپ، (8) داستان فرحت افزان، (9) فارسي شاعرن جي ڪلام مان انتخاب،(10) مثنوي مشتمل برسر گذشت دار وگير (هن مثنوي ۾ مير حسن علي خان جي وفات کانپوءِ مير نور محمد خان ۽ مير سانگي جي وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار ٿيو، جنھن ۾ سانگيءَ کي شڪست ملي، انجو مڪمل احوال آھي- ھيءَ مثنوي اڻ ڇپيل آھي)، (11) اردو شاعرن جي ڪلام مان انتخاب، (12) صرف ونحو تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب.
- ورسي: 1994-06-12
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل