الهه بخش ولد حسين خان ٽالپر سندس ڳوٺ درياخان ٽالپر جو هو، جنهن کي ”ٺوڙها لتڻيون“ به چوندا آهن ۽ تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد ۾ آهي، جتي هن 31 مارچ 1914ع تي جنم ورتو. پرائمري اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائين، جتان پنهنجي اهليت سان، پوءِ اسڪولن جو سپروائيزر به ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين. ادبي ذوق رکندڙ هو. پارسي ٻوليءَ جي به ڄاڻ هيس. ننڍا علمي ادبي ڪتاب لکيائين. سندس تصنيفن جو تعداد 15 آهي، جن مان ”پرديسيءَ جو پيار“ ناول مشهور اٿس. 18 اپريل 1976ع تي وفات ڪيائين.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي الله بخش حسين بخش ٽالپر جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن