پروفيسر امينہ خميساڻي

Author Name

تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر امينہ خميساڻي جيڪا آمنہ خميساڻي جي نالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، 14 اپريل 1919ع تي ڄائي. سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ ھن خاتون، 1963ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ’سترھين صديءَ جي انگريزي ادب‘ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان واڳيل رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1983ع ڌاري اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي. آمنہ خميساڻيءَ مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جن مان ’سنڌ جي عورت‘، ’ ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘،’اسلام ۾ عورت جو مقام‘ ۽ ٻيا موضوع شامل آھن. ان کان سواءِ انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ (1) “Drama Between Two World Wars” (2) “Casual Peeps at English Literature” (3) “Sindh‘s Contribution to English” مشھور آھن. تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ آمنہ خميساڻي 1985ع ۾ وزٽنگ پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿي. سندس وڏو ڪارنامو شاھہ جي رسالي جي چونڊ بيتن جو نثر ۾ انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءَ وڏي پائي جي تعليمي ماهر 12 ڊسمبر 2007ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پروفيسر امينہ خميساڻي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


پروفيسر امينہ خميساڻي جا ڪتاب

شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت، مصنف : پروفيسر امينہ خميساڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت
مصنف : پروفيسر امينہ خميساڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ