پورو نالو: عبدالعزيز ولد حاجي ڀنڀرو
ادبي نالو: عزيز ڀنڀرو
جنم تاريخ: 1 جولائي 1972ع
جنم جو هنڌ: پراڻ ڪنڌي جو ننڍڙو ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي (ملڪاڻي شريف) تعلقو ٽنڊو باگو ضلع بدين، هاڻوڪو پتو، وارڊ نمبر 9 بدين شهر
تعليم
پرائمري کان نائين ڪلاس تائين گورنمينٽ پرائمري ۽ ها۽ اسڪول ولي محمد ملڪاڻي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڍڻ ضلع بدين (1993ع) انٽر گورنمينٽ اسلاميہ ڪاليج بدين (1996) بي اي سنڌ يونيورسٽي آف سنڌ (2007) ايم اي سنڌي ادب سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو (2019)
ڌنڌو
1999ع تائين هڪ شگر مل ۾ بطور ڪلرڪ
2002ع کان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽيچر (جاري)
ادبي سفر
ادبي سفر جي شروعات 1996ع کان ڪھاڻيڪار جي حيثيت سان ڪئي مختلف رسالن مئگزين، ڊائجسٽ وغيره ۾ 70 کن ڪھاڻيون ڇپيل، مختلف اخبارن مئگزين ۾ کوڙ سارا آرٽيڪل رپورٽون مقالا ڇپيل، ڪجهہ ڪتابن جا پيش لفظ، ڪجهہ فنڪارن شاعري ڳائي ۽ ڪجهہ ڇپائي، ريڊيائي افسانا لکيا ۽ ريڊيو تان نشر ٿيل، ٽي ناول جنهن مان هڪ اڻ ڇپيل شامل آهي
ڇپيل ڪتاب
1 ڀٽڪي ويل سپنا ناول (2008ع ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد)
2 تقدير جو تماشو ناول (2016ع سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد)
اڻ ڇپيل ڪتاب
1 ٿر راڻي (ناول)
2 فاصلا رهجي ويا (ڪھاڻيون)
3 ڇڙواڳ سوچون (نثري ٽڪرا)
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عزيز ڀنڀرو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن