امر کھاوڙ

Author Name

امر کھاوڙ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد ٻڍل کھاوڙ آهي. هن پھرين جون 1978ع تي ڳوٺ دين محمد کھاوڙ، تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ (1994ع) ۽ انٽر (1996ع) جا امتحان ميرپورماٿيلي مان پاس ڪيا. جڏهن تہ بي ايس سي (1998ع) ۽ ايم اي (سنڌي-2000ع) جون ڊگريون شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان حاصل ڪيون. 2013ع ۾ بي اي پڻ ڪئي. 1996ع کان مختلف صنفن ۾ لکڻ جو آغاز ڪيو. علم عروض جي کيس چڱي ڄاڻ آهي. سندس شاعري ٽماهي ’مھراڻ‘، ’سوجهرو‘، ’همرچو‘، ’هزار داستان‘، ’امرتا‘، ’سنڌ راڻي‘، ’سنڌو ڊائجسٽ‘، ’ڪونج‘ (هندوستان)، ’سنڌو‘ (هندوستان)، ’موکي‘، ’سنڌ دوست‘، ’تسطير‘  (اردو) ۽ ’ينگ جنريشن‘ ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن گهوٽڪي ضلعي جي شاعرن جو گڏيل شعري مجموعو دوست سومري سان گڏ ترتيب ڏئي 2013ع ۾ ڇپايو. امر کھاوڙ سنڌي ادبي سنگت شاخ، ميرپورماٿيلي جو 10 ڀيرا سيڪريٽري ۽ 18-2017ع ڌاري ضلعي رابطا سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امر کھاوڙ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


امر کھاوڙ جا ڪتاب

تارا تارا جهول ۾، مُرتب : امر کھاوڙ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تارا تارا جهول ۾
مُرتب : امر کھاوڙ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ