ڊاڪٽر عطا محمد حامي

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، اديب، نقاد ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي پھرين جنوري 1919ع تي خيرپور ضلعي جي ڪوٽڏيجيءَ تعلقي ۾ ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾  قائم الدين سوهو جي گهر جنم ورتو. عطا محمد حامي سموري زندگي علمي ترقيءَ سان گڏ سماجي ڪمن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري.
ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1941ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان ڪيائين. نوڪريءَ جي پوئين حصي ۾ (1978ع) عطا محمد حامي پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس تحقيقي مقالو 1994ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران شايع ٿيو. 2009ع ۾ ساڳيو ڪتاب ثقافت ۽ سياحت کاتي پڌرو ڪيو.
ڪجهہ وقت P.W.D کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، پر جلد اها نوڪري ڇڏي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان 1946ع ڌاري انٽر پاس ڪيائين. بعد ۾ فيض گنج ۽ گمبٽ هاءِ اسڪولن ۾ استاد رهيو. ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي لقمان برانچ ۾ بہ ڪجهہ وقت استاد رهيو. 1947ع ۾ کيس ٽريننگ ڪاليج فار مين خيرپور بدلي ڪيو ويو، جتي نوڪريءَ دوران بي. اي، بي. ٽي ۽ ايم. اي جا امتحان پاس ڪيائين. ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ عطا محمد حامي، پھرين هالا ڪاليج ۾ ۽ پوءِ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٿوري عرصي لاءِ ٽنڊو جان محمد، شڪارپور ۽ سکر جي ڪاليجن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو، بعد ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 31 ڊسمبر 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين. 1953ع ڌاري تعليم کاتي جي ملازمت تان استعيفا ڏئي ڪوٽڏجيءَ مان ميمبر ليجسليٽوِ اسيمبليءَ جي حيثيت سان رياست جي چونڊن ۾ حصو وٺي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 21 آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ قائم ٿيڻ سان، رياست خيرپور جو وجود ختم ٿيڻ سبب سندس ميمبر جي حيثيت بہ ختم ٿي وئي.
عطا محمد حاميءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪم سچل سرمست جي سوانح، فن ۽ فڪر تي جديد نموني جي تحقيق آهي. ان کانسواءِ تعارفي، سوانحي ۽ تاريخي موضوعن تي سندس ڪم ٿيل آهي. عطا محمد حامي پختو شاعر هو، جنھن وٽ زبان جي لطافت ۽ خيالن جي نزاڪت سان گڏ سماجي شعور مٿاهون هو. سندس شاعريءَ ۾ ماحول جي عڪاسي ڀرپور ٿيل آهي. هن غزل جي روايتي رنگ ۾ وقت ۽ ماحول جي تقاضائن مطابق تبديليون آنديون ۽ بھترين غزل گو شاعر ليکيو وڃي ٿو. ھن سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبان ۾ غزل گوئي ۾ بھترين شاعري ڪري داد حاصل ڪيو.

عطا محمد حامي جي ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

(1) ’ ثمر حيات‘ (مضمون: 1953ع)
(2) ’درازن جا درويش‘ (مقالو 1959ع)
(3) ’منصور ثاني سچل سرمست‘ (تحقيق 1964ع)
(4) ’سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري‘ (ترتيب 1981ع)
(5) ’نينھن جا نعرا‘ (سچل سـرمـسـت جي فارسـي مثنـويـن جـو سـنڌي ترجمو: 1983ع)
(6) ’وکريل موتي‘ (مضـمـون ۽ مقالا: 1983ع)
(7) ’حاميءَ جو ڪلام‘ (مرتب: محمد علي حداد: 1994ع).

پروفيسر عطا محمد حامي، لبلبي جي ڪينسر جي موذي مرض سبب، 3 جون 1982ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر عطا محمد حامي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر عطا محمد حامي جا ڪتاب

وکريل موتي، مصنف : ڊاڪٽر عطا محمد حامي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
وکريل موتي
مصنف : ڊاڪٽر عطا محمد حامي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ