زيب ڀٽي

نامياري اديب، مترجم، ڪھاڻيڪار ۽ استاد ’زيب ڀٽيءَ‘ جو پورو نالو قادر بخش ڀٽي آھي. ھي 10 مارچ 1932ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ايم. اي (سنڌي)، بي. ايڊ ۽ بي. ٽي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پيشي جي لحاظ کان سنڌيءَ جي پروفيسر طور رٽائرڊ ٿيو. ھڪ شاعر ۽ نثر نويس طور سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘سر ڏھر’ (1974ع)، ‘مورتي (ڪھاڻيون)’ (1979ع)، ‘سنڌي سڳنڌ’، ‘وارن جي سنوار تائين’ (1987ع) ۽ ٻيا شامل آھن. زيب ڀٽيءَ 14 سيپٽمبر 2013ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب