ايشور چندر

Author Name

ايشور چندر سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ناميارو ڪھاڻيڪار ٿي گذريو آهي. هو 30 جولاءِ 1937ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پنھنجي خاندان سان هندستان هليو ويو، جتي راجستان جي شهر اجمير ۾رهيو ۽ ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. هن سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ تمام گهڻيون ڪھاڻيون لکيون آهن سندس هندي ڪھاڻين جي هڪ ڪتاب تي راجستان ساهتيہ اڪيڊميءَ سڀ کان وڏو انعام کيس ڏنو ۽ سندس قدرداني ڪئي. سنڌيءَ ۽ هنديءَ ٻولين ۾ سندس ڏهاڪو ڪتاب ڇپيل آهن جن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. ٿڌا چپ (1965ع)، 2. مئل ماڪوڙو (1966ع)، 3. پنھنجي ئي گهر ۾ (1973ع)، 4. نئين زماني جو ڪوئو (1979ع)، 5. سخت چھري وارو ماڻھو (1980ع)، 6. موٽي آيل ماضي (1881ع)، 7. ايشور چندر جو ست ڪھاڻيون (1983ع)، 8. ڇوڪرو ڇوڪري (1983ع)، 9. اندر جو ڄامڙو (1984ع)، 10. ساڳيو ئي سوال (1984ع)، 11. هڪ بيمار غزل (1985ع)، 12. رٿ (1986ع پر/ شايد 1987ع). ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Forgotten پڻ ڇپيو آهي. هن جا ٽي ڪتاب ٿڌا چپ، سخت چھري وارو ماڻھو ۽ اندر جو ڄامڙو سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هن جي ڪھاڻين ۾ سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن جو حل ملي ٿو. ايشور چندر 13 آگسٽ  1992ع تي ديھانت ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ايشور چندر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ايشور چندر جا ڪتاب

ٿڌا چپ، مصنف : ايشور چندر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٿڌا چپ
مصنف : ايشور چندر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ