زيب ڪنگو

Author Name

نالو: اورنگزيب
ادبي نالو: زيب ڪنگو 
والد جو نالو: قادر ڏنو خان ڪنگو
جنم: پھرين مارچ 1960ع ڳوٺ ڪنگا، ضلعو لاڙڪاڻو

تعليم:
پرائمري 1970ع گورنمينت پرائمري اسڪول ڳوٺ ڪنگا
بي اي BA  1979ع سچل اورينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو
ايم اي (سنڌي ادب) MA  1982ع سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

روزگار جو سفر:
ھن 1984ع ۾ اسسٽنٽ سپرنٽڊنٽ جيل طور نوڪري جي شروعات ڪئي ۽ آخري پوسٽنگ سينيئر سپرنٽڊنٽ جيل لانڍي ڪراچي مان 2020ع تي رٽائر ٿيو.

ادبي سفر:
شروع ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکيائين جيڪي گل ڦل ۾ ڇپيون. مختلف رسالن ۾ سندس شاعري ڇپبي رھي. ڇپيل ڪتابن ۾ احساس جون ڪتڪايون (شاعري 2003ع)، خواب رقص ۾ (شاعري 2020ع)، ديد جو درشن (شاعري 20203ع) ڇپيل اٿس. سندس شاعري گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن ۾ پڻ ڇپيل آھي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي زيب ڪنگو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


زيب ڪنگو جا ڪتاب

ديد جو درشن، مصنف : زيب ڪنگو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ديد جو درشن
مصنف : زيب ڪنگو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ