مشتاق بخاري

Author Name

مشھور شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي مشتاق بخاري جو اصل نالو سيد مشتاق شاھہ آھي. ھن 27 آڪٽوبر 1969ع تي ڳوٺ لونگاڻي، تعلقي ڳڙھي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ سيد غلام علي شاھہ بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم.اي (معاشيات 1992ع)، ايم. اي (سنڌي 2000ع) ۽ ايم. ايڊ آھي. پاڻ مئي 1988ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ آگسٽ 2017ع ڌاري رٽائرڊ ڪيائين. نوڪري دوران استادن جي تنظيم ”گسٽا“ ڊکڻ جو صدر، ضلعي شڪارپور لاءِ 2013ع کان 2016 تائين جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 2016 کان 2017ع تائين جنرل سيڪريٽري رھي چڪو آھي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر آھي. ڊکڻ ۽ لونگاڻي شاخن لاءِ سيڪريٽري، ضلعي شڪارپور لاءِ 1994ع کان 1996ع تائين رابطا سيڪريٽري ۽ مرڪز لاءِ 2010ع کان 2013ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري رھيو آھي. ان کانسواءِ ”نثار بزمي ادبي سنگت“ ڊکڻ جو خزانچي، ”شھنشاھہ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن“ لونگاڻي لاءِ جنرل سيڪريٽري رھڻ سان گڏ پريس ڪلب ڊکڻ جو سرپرست اعليٰ آھي. آجيان پبليڪيشن، ڊکڻ جو بنياد وجهي ھن ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا. پاڻ ماھوار ”ھٻڪار“ ڊکڻ (ٻارن جو رسالو)، ھفتيوار اخبار ”ساڀيان“، سلسليوار ”سُھائي“، روزاني ”آجيان“، لاءِ چيف ايڊيٽر، ماھوار ”نئون چنڊ“، ڊکڻ لاءِ ايڊيٽر، ماھوار ”لوڪ مئگزين“، ڪراچي ۽ ماھوار ”سنڌ راڻي“، حيدرآباد جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: گيتن جهڙا ٻار (ٻاراڻو ادب 1998ع)، پيار جي موٽ ۾ (چئو سٽا-1999ع)، سونھن سنسار جي (ٻاراڻي شاعري 2000ع)، سار جي خوشبوءِ (100 غزل -2004ع)، ’ھڪ وجود-ڪيئي وجود‘ (ڪوثر ٻرڙي جون ادبي ۽ فني خدمتون –ايم اي سنڌيءَ لاءِ لکيل مونوگراف-2009ع)، سفر چاھتن جو (ڪوثر ٻرڙي سان گڏ شاعري-2012ع)، ھليو وڃبو ھاڻ (قمر کوسي کي ڀيٽا-2019ع)، شھيد روبينا اڄڻ جي خون سان انصاف وارو سوال (مبين اڄڻ سان گڏ ترتيب-2022ع)، ’ھاءِ ڪيڏو پري ويو آھين‘ (پير چنڊامي' جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن کي ڀيٽا- 2022ع) ۽ موتين مالھا (شاعري، ترتيب مبين اڄڻ سان گڏ-2022ع) شامل آھن. سندس شخصيتن تي لکيل ڪتابن ۾: ”من گهريو مشتاق“ (مرتب: احسان راھوجو، 2017 ع (مشتاق بخاري سڀ تي ڀاري (مرتب: ساجدہ جبين، 2018ع) ۽ مشتاق جي پارت اٿئو (مرتب:  ساجدہ جبين، 2019ع) شامل آھن. 
ادبي پورھيي جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آھن، جن ۾: ”ھاٽ ايف.ايم105“ لاڙڪاڻو اوارڊ، شڪارپور ڪاليج پاران ”بيسٽ ڊرامہ رائيٽر“ اوارڊ 1994ع، سنڌ فنڪار ٽرسٽ پاران ”بھترين شاعر“  اوارڊ 1998ع، ڪتاب ”گيتن جھڙا ٻار“  تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران 1999ع ۾”بھترين شاعر“  اوارڊ، سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور پاران 2004ع ۾ ”بھترين شاعر“  اوارڊ، سگا سيوھڻ پاران ”بھترين شاعر“  اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران 2010ع ۾ ”وفا ناٿن شاھي مڃتا اوارڊ“، سنڌي ادبي سنگت رتيديري پاران 2015ع ۾ ”سيد وريل شاهہ لاائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“، ماھوار ”ريکائون“ پاران 2015ع ۾ ”بھترين شاعر اوارڊ“، مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور پاران 2018ع ۾ ”بھترين شاعر اوارڊ“ ۽ سنڌي ادبي سنگت، لکي غلام شاھہ پاران 2018ع ۾ ”استاد قمر کوسو اوارڊ“ شامل آھن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مشتاق بخاري جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


مشتاق بخاري جا ڪتاب

نظمن جا نيڻ، مُرتب : مشتاق بخاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
نظمن جا نيڻ
مُرتب : مشتاق بخاري
موتين مالھا شاعري، مُرتب : مشتاق بخاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
موتين مالھا شاعري
مُرتب : مشتاق بخاري
شھيد روبينہ اڄڻ جي خون سان انصاف وارو سوال، مُرتب : مشتاق بخاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شھيد روبينہ اڄڻ جي خون سان انصاف وارو سوال
مُرتب : مشتاق بخاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ