انور ڪليم

Author Name

انور ڪليم 5 جون 1968ع تي جنم ورتو. أنور ڪليم پنھنجي ادبي سفر جي شروعات 1982 -83 کان ٻارڙن لاء ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي.
بنيادي تعليم اردو ۾ هجڻ ڪري هن شروع ۾ اردو زبان ۾ ڪھاڻيون لکيون ۽ ان وقت جي مشھور۽ مقبول اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ ”جنگ“ ،  ”تعليم  و تربيت“،   جسارت“،  ”امن“،  ” آنکھ مچولی“ وغيره ۾ مسلسل لکندو رهيو. 
موضوع ۽ اسلوب منفرد هجڻ ڪري ٻارڙن لاء لکيل سندس ڪھاڻيون توجھ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون ان وقت بہ سندس ڪي ڪھاڻيون جن ۾ ”بھوک کا گیت“  ( بک جو گيت)  ”انسان کبھی نہيں مرتا“  ( انسان ڪڏهن ناهي مرندو)  ۽ ” اسٽوڊنٽ“   وغيره تي کيس ڪئ ايوارڊ مليا . 
1990 کان 1998 تائين بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. 1995ع ۾ کيس بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي طرفان بھترين نوجوان ليکڪ جو ايوارڊ ڏنو ويو ان کان پوءِ هن سنڌيءَ ۾ بہ لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي اختيار ڪيائين.
انور ڪليم لکڻ جي شروعاتي ڏينھن ۾ ٻارڙن لاء سنڌي ۽ اردو ۾ ”ٻارڙن جو چمن“ ۽ ”پيغام“ نالي رسالہ پڻ جاري ڪيا جيڪي گهڻو عرصو نہ هلي سگهيا . 2005ع ۾ انور ڪليم جي ڪھاڻين جو پهريون مجموعو ”32“ جي نالي سان ڇپيو جنھن سينيئر لکندڙن توڙي همعصر ليکڪن ۽ نقادن جو ڌيان ڀرپور نموني پاڻ  ڏانهن ڇڪايو .”32”  ۾  شامل سندس ڪجهہ ڪھاڻيون اهڙيون هيون جيڪي موضوع` يا پيشڪش جي لحاظ کان سنڌي ادب جي ڪلاسڪ ڪھاڻين جي صف ۾ ڳڻپ جھڙيون هيون، انھن ڪھاڻين ۾ ”ٽي رنگ“ پيشڪش جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ ڄڻ تہ هڪ منفرد تجربو هو . ”32“  ڪھاڻي ڪتاب کان پوء هڪ ڊگهي عرصي تائين هن جو ڪو بہ ڪتاب شايع نہ ٿيو ان عرصي ۾ هن ڪجهہ ٽي وي چينلز لاء ڊرامہ لکيا. هڪ وڏي عرصي کان پوء هن جو ناول ”واپسي “ مارڪيٽ ۾ آيو تہ هو ڄڻ هڪ ڀيرو وري نئين سري سان نئين نسل ۽ پڙھندڙن جي نئين کيپ سان متعارف ٿيو ۽ سندس ناول کي سٺي پذيرائي ملي. انور ڪليم هن ناول ”واپسي“ ۾ پراڻي موضوع کي هڪ نئين انداز ۾ ڏسڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪيو آھي ناول ”واپسي“ کي منير ڊومڪي انتھائي سؤلي، سھڻي ۽ ادبي رنگ ڍنگ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي.
ناول واپسي کي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران 2020 جي بھترين ناول جو ايوارڊ ڏنو ويو. 2021ع ۾ انور ڪليم جو ڪھاڻي ڪتاب ”بوء“  منظر عام تي آيو. 2022 ع ۾ سندس ڪھاڻي ڪتاب ” 32 “ جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو ۽ ان ئي سال سندس  منفرد ناول ”ڪبوتر جواب ڳولي ٿو“ ۽ ٻيو ناول ”رجيم“ ڇپيا. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي انور ڪليم جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


انور ڪليم جا ڪتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ