سيد ابو الاعليٰ مودودي

Author Name

ناميارو عالم، مسلم فلاسافر، اسلامي اصول قانون جو ماھر، مذھبي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ قرآن جو مفسر سيد ابوالاعليٰ مودودي 25 سيپٽمبر 1903ع تي (اورنگ آباد،  مھاراشٽرا (حيدرآباد دکن، ۾ پيدا ٿيو. 
مودودي صاحب قرآن ، حديث، اسلامي قانون۽ تاريخ تي ڪيترائي بھترين ڪتاب اردو ۾ لکيا جن جا انگريزي، ھندي، بنگالي، تامل، برمي ۽ عربي ۾ ترجما ٿيا. ھن اسلام کي زندھہ رکڻ لاءِ پوري وقف ڪئي جيڪو ھن سمجهيو ان جي تبليغ ڪئي.  ھن جو يقين ھيو تہ سياست لاءِ اسلام لازمي آھي ۽ شريعت جو نفاذ ۽ اسلامي ثقافت جي حفاظت لازم آھي جن کي سوشلزم، قومپرستي، سيڪيولرزم جي براين کان متاثر ٿيڻ جو شڪ ھيو. ھي ھندستان جي اندر جماعت اسلامي جو باني ھيو جيڪا تقسيم ھند کان اول ايشيا جي سڀ کان وڏي اسلامي تنظيم ھئي.  ھن جي پارٽي پاڪستان ۾ اسلامي رياست جي قيام لاء شروعات ڪندڙ ھئي. جماعت اسلامي لاءِ مشھور آھي تہ ان آمر جنرل ضياءالحق جي اسلامائزيشن ۽ شريعت کي متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.
سندس ابن ڏاڏن ۾ ھڪ بزرگ خواجہ قطب الدين مودود مشھور ھيو جيڪو چشتي ھيو ۽ خواجہ معين الدين چشتي اجميري جو شيخ الشيوخ ھيو ان جي ئي خاندان مان ھجڻ ڪري مولانا جو خاندان مودودي سڏجڻ لڳو. سندس گهراڻو مڪمل مذھبي ھيو. ھن پنھنجي زندگي جي شروعاتي يارھن سالن م تعليم ۽ تربيت گهر ۾ ئي پنھنجي والد کان حاصل ڪئي بعد ۾ کيس مدرسہ فرقانيہ اورنگ آباد ۾ سڌوسنئون اٺين جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو. 1914 ۾ ھن مولوي جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت سندس پيءُ اورنگ آباد مان حيدرآباد دکن لڏي چڪو ھو جتي کيس مولوي عالم جي جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو. ان وقت دارالعلوم جو صدر مولانا حميد الدين فرابي ھيو جيڪو مولانا امين احسن اصلاحي جو بہ استاد ھيو. مولانا والد جي وفات جي ڪري رڳو ڇھ مھينا تعليم حاصل ڪري سگهيو. ان وقت ھن کي لکڻ جي خداداد صلاحيت ھئڻ ڪري ھن قلم کڻي پنھنجا خيال ماڻھن تائين پھچائڻ کي پنھنجو معاشي ذريعو بنايو. اھڙي طرح ھن عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. ھن ڪجهه اخبارن م مدير جي عھدي تي ڪم ڪيو جن ۾ اترپرديش جي اخبار ۾ مدينہ ، جبل پور جي تاج ۽ دھلي مان جميعت اسلام جي نڪرندڙ اخبار روزنامہ الجميعت خاص طور تي شامل ھيون. 1925 ۾ جڏھن جميعت علماءِ ھند ڪانگريس سان گڏ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو تہ مولانا احتجاج ڪندي اخبار جي ادارت ڇڏي ڏني. مولانا محمد علي جوھر جامع مسجد دھليءَ ۾ تقرير ۾ چيو ھو تہ ڪاش ڪو شخص اسلام جي جھادي مسئلي جي پوري وضاحت ڪري تہ جيئن ان متعلق ڦھلائجندڙ غلط فھميون ختم ٿي سگهن. جنھن تي مولانا مودودی الجہاد فی الاسلام' جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکيو . ان وقت سندس عمر 24 سال ھئي. 
بعد ۾ مولانا حيدرآباد دکن ۾ آيو جتي پنھجي رھائش جي دؤر۾ مختلف ڪتاب لکندو رهيو ۽ 1935 ۾ "ترجمان القرآن" جي نالي سان رسالو جاری ڪيائين.ساڳي سال"پردہ" جي نالي سان اسلام ۾ پردي جي حمايت تي مشھور ڪتاب لکيائين جنھن م يورپ کان متاثر ٿيندڙن جي اسلامي پردي تي ڪيل اعتراضن جو جواب ڏنائين ان کان علاوه "تنقیحات" ۽ "تفھیمات" جهڙا مضمون لکيائين جن ذريعي تعليم يافتہ مسلمانن ۾ فرنگي تھذيب جو اثر ختم ڪيو. ھن ترجمان قرآن ذريعي ھڪ اسلامي جماعت جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ۽ ان لاءِ ترجمان القرآن ۾ مضمون لکيا. ان سان اتفاق رکندڙ ماڻهو 26 آگسٽ 1941ء تي لاھور ۾ گڏ ٿيا ۽ جماعت اسلامي نالي ھڪ جماعت قائم ڪيائون. ان جي قيام وقت سموري ھندوستان مان 75 ڄڻا شامل ٿيا ھئا جن مولانا کي جماعت جو سربراھ چونڊيو ھو. پاڪستان جي قيام بعد مولانا پاڪستان ھليو آيو ۽ آڪٽوبر 1948 م اسلام جي نفاذ جي مطالبي ڪرڻ جي ڪري گرفتار ٿي ويو. سندس گرفتاريءَ کان پھريان جماعت اسلامي جون اخبارون "ڪوثر"، جھان نو ۽ روزنامہ "تسنيم" تي بہ بندش وڌي وئي. کيس 20 مھينن بعد 1950 ۾ آزاد ڪيو ويو. جيل ۾ "مسئلہ ملڪيت زمين" مرتب ڪيائين ، "تفھيم القرآن جو مقدمو لکيائين، حديث جي ڪتاب "ابو داؤد" جي فھرست تيار ڪيائين "سود" ۽ "اسلام اور جديد معاشي نظريات" نالي ڪتاب لکيائين. 1953ء ۾ سيد مودودي "قادياني مسئلہ" جي نالي سان ڪتابڙو لکيو جنھن تي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ فوجي عدالت ۾ مقدمو ھلائي کيس موت جي سزا ڏني وئي جنھن تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر شديد ردعمل سامھون آيو. مصر جي اسلامي جماعت اخوان المسلمون جي رهنما علامہ حسن الھضيبي، ڪابل مان علامہ نور المشائخ المجددي، فلسطين جي مفتي اعظم الحاج محمد الحسيني کان علاوہ الجزائر ۽ انڊونيشيا جي عالمن حڪومت پاڪستان سان رابطو ڪري سيد مودوديءَ جي موت جي سزا جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. دمشق ۾ ان جي سزا جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو. آخرڪار حڪومت سندس موت جي سزا کي 14 سالن جي سزا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٻہ سال ۽ يارھن مھينا جيل م رھڻ بعد عدالت سندس سزا ڪلعدم قرار ڏئي ڇڏي اھڙي طرح آزاد ٿي ويو. مسلسل صحت جي خرابي جي ڪري ھن 4 نومبر 1972 ۾ جماعت اسلامي جي امارت کان جدا ٿي ويو اھڙي طرح 31 سال، 2 مھينا ۽ 8 ڏينھن تائين پارٽيءَ جو امير رھيو. ان عھدي تان فارغ ٿيڻ بعد ھن سموري توجه تصنيف ۽ تاليف جي ڪم کي ڏني خاص طور تي تفھيم القرآن جي ڇپائي، اشاعت ۾ اضافي کي ڏني.
مولانا صاحب 1956ء کان 1974ء تائين دنيا جي مختلف حصن جا سفر پڻ ڪيا ۽ انھيء دوران ھن قاھرہ، دمشق، عمان، مڪي، مديني، جدي، ڪويت، رباط، نيويارڪ، استنبول، لنڊن، ٽورنٽو کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين بين الاقوامي مرڪزن ۾ ليڪچرر ڏنا ۽ ڏھن عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت پڻ ڪئي. 1959ء ۽ 1960ء ۾ قرآن پاڪ ۾ ذڪر ڪيل مقامن جي جاگرافيائي ڪيفيت جو مشاهدو ڪرڻ لاء سعودي عرب، اردن، (يروشلم سميت) شام ۽ مصر جو تفصيلي مطالعاتي دورو ڪيو. کيس مدينہ يونيورسٽي جي قيام جي سلسلي ۾ دعوت ڏني وئي هئي ۽ 1962ء کان ان يونيورسٽي جي قيام تائين ان جي اڪيڊيمڪ ڪائونسل جو رڪن رھيو. ۔پاڻ رابطہ عالم اسلامي فاؤنڊيشن ڪميٽي جو پڻ رڪن ھيو. اڪيڊمي آف ريسرچ آن اسلامڪ لا مدينہ جو بہ رڪن ھيو
سندس ڪتابن جا عربي، انگريزي، فارسي، ترڪي، بنگالي، جرمن، فرانسيسي، ھندي، جاپاني، سواحلي، تامل، تيلگو سميت 22 ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ مدينہ يونيورسٽي، رياض، سوڊان، مصر ۽ ٻين کوڙ ملڪن ۾ ھن جا ڪتاب تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن
1979ء ۾ سيد مودودي کي گردن ۽ دل جي تڪليف ٿي پئي جنھن لاء آمريڪا ۾ پنھنجي ھڪ ڊاڪٽر پٽ وٽ علاج خاطر وڃي رھيو جتي سندس آپريشن پڻ ٿيا. 22 سيپٽمبر 1979 تي 76 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سندس پھريون جنازو بفيلو، نيويارڪ رياست ۾ پڙھيو ويو جنھن بعد سندس جسم پاڪستان آندو ويو جتي قذافي اسٽيڊيم ۾ قطر يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ اخوان المسلمون، شام جي اڳوڻي صدر علامہ يوسف القرضاوي سندس جنازو پڙھيو.

مولانا سيد ابو اعلي مودودي جي لکيل ڪتابن ۾ ھيٺيان ڪتاب شامل آهن:

تفھيم القرآن (6 جلد)
تفھيمات (5 جلد)
رسائل و مسائل (5 جلد)
سيرت سرور عالم صلي اللہ عليہ و آلہ وسلم (2 جلد)
پردہ
الجھاد في الاسلام
تنقيحات
مسئلہ قوميت
خطبات
دينيات
شھادت حق
دين حق
سلامتي ڪا راستہ
بناؤ اور بگاڙ
اسلام اور جاھليت
اسلام کا اخلاقي نقطہ نظر
تحريڪ اسلامي: ڪاميابي ڪي شرائط
اسلام ڪا نظام حيات
اسلام

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سيد ابو الاعليٰ مودودي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سيد ابو الاعليٰ مودودي جا ڪتاب

اسلام موجودہ دور ۾، مصنف : سيد ابو الاعليٰ مودودي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسلام موجودہ دور ۾
مصنف : سيد ابو الاعليٰ مودودي
اسلامي زندگي (بنيادي ڳالھيون)، مصنف : سيد ابو الاعليٰ مودودي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اسلامي زندگي (بنيادي ڳالھيون)
مصنف : سيد ابو الاعليٰ مودودي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ