شاهد علي ”صوف“ ابڙو

Author Name

شاھد علي ابڙو ولد ڪريم بخش ابڙو تخلص “صوف” 13 جنوري 1977ع ۾ ميھڙ لڳ ڳوٺ ٿيٻا ۾ جنم ورتو. پرائمري 5 درجا ڳوٺ ٿيٻا جي پرائمري اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 ۽ 2 – ميھڙ ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ميھڙ مان پاس ڪيا. هو مئٽرڪ کانپوءِ پاڪستان آرمي ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو، مختلف ڪورس ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۽ آرمي سروس ڪور سينٽر ۾ فزيڪل ٽريننگ انسٽريڪٽر طور ڊيوٽي ڪئي. محنت ۽ ملٽري ڪواليفڪيشن ڪري پروموشن حاصل ڪري حوالدار (نان ڪميشنڊ آفيسر) ٿيو. هن سال 1999ع ۾ ڪارگل جنگ ۽ 2001 جي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ڪشمير ۾ بٽالين حوالدار ميجر (B.H.M) طور ڊيوٽي سرانجام ڏني. هو 2005ع ۾ 34 سپلاءِ اينڊ ٽرانسپورٽ بٽالين ڪوئيٽا مان رٽائرڊ ٿيو. آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي مان نڪرندڙ اخبار هفتيوار “نروار” ۾ چيف ڪرائيم ۽ انويسٽيگيشن رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي ايڊيٽر ٿيو. 2007ع ۾ اخبار روزاني ٿي تہ ريزيڊنٽ ايڊيٽر سکر ۽ حيدرآباد طور ڪم ڪندو رهيو. 2007 ۾ پريس ڪلب جو سرپرست اعليٰ ٿيو ۽ سنڌ ابڙو ويلفيئر ائسوسيئيشن جو آرگنائيزر ۽ پريس ترجمان بہ رهيو. آل پاڪستان ابڙو قومي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڄاموٽ سماٽ ابڙا اتحاد جو رابطه سيڪريٽري رهيو. بعد ۾ ڪجهہ عرصو فوجي فائونڊيشن ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ طور نوڪري ڪئي. اڄڪلھہ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پريس ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. 
سندس ادبي نالو صوف ابڙو (Apple Abro) آهي، هن پھرين ڪھاڻي 1984ع ۾ جڏهن پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ هو لکي، جيڪا سچي ڪھاڻي هئي. اها گل ڦل ۽ آفتاب اخبار ۾ ڇپي، بعد ۾ هر هفتي روزاني آفتاب، عبرت، گل ڦل، سنڌي ٻارڙا، هلال پاڪستان، الوحيد، پڪار، عوامي آواز، الک، برسات، سچ، پڪار، سڪار، مھراڻ، سنڌ، خلق، نروار، وغيرہ ۾ ڪھاڻيون، ڪالم، مضمون لکندو رهيو آهي.
هن سال 1989ع ۽ 1990 ع ۾ ڪتاب “طالبان جو اُٺ ڪھڙي پاسي ليٽندو” لکيو، جيڪو ڪتاب افغانستان ۾ طالبان جي پس منظر تي لکيل ڪالمن تي مشتمل هو، بعد ۾ ملڪ جي ديني مدرسن ۾ پڙهندڙ طالبن جي زندگي ۽ حالتن تي ڪتاب “کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولي” نالي سان ڇپيو. ڀائو شاھد ابڙي 1991ع ۾ ڪراچي جي خراب ٿيندڙ حالتن تي ڪتاب “آمريڪا هڪ نئون هانگ ڪانگ چاهي ٿو.” ۽ سائين جي ايم سيد جي جدوجھد ۽ قيد بابت ڪتاب ”سائين جي ايم سيد جو ڏوھہ” جي سري سان لکيا. سال 1993ع ۾ سنڌ جي هنرمند عورتن جي حقيقي صورتحال کي پيش ڪرڻ ۽ ڪاروڪاري جي واقعن جي پسمنظر ۾ “مارئي جو درد” نالي ڪتاب لکيو.
ان ريت هن پي ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪيو. هو فلمز پروڊڪشن/ڪمپنين سان بہ ڪم ڪندو رهيو آهي. مختلف ڊرامن، فلمن جا مڪالما (Scripts) بہ لکيا. هن ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر طور بہ ڪم ڪيو آهي. صوف ابڙي 1998ع کان ابڙو قبيلي جي حسب نسب تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ناليوارن تاريخدانن، محققن، عالمن سان ملاقاتون ڪيون. جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، حبيب ﷲ صديقي، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي، مقصود قاضي، ايم ايڇ پنھور، ڊاڪٽر لعل بخش نائچ، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پروفيسر سليم مانگٽ (اسلام آباد)، عطاءُ ﷲ ضياءَ قاسمي (لاهور)، ڊاڪٽر اشرف (جيالوجسٽ مظفرآباد يونيورسٽي)، ماهر ارضيات آصف نذير راڻا، پروفيسر محمد نواز چوڌري ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري مدد ورتي ۽ رهنمائي حاصل ڪئي.
ابڙو قبيلي تي تحقيق دوران هن سنڌ ڌرتي بابت زندگي جي ارتقا بابت گهڻيون شاھديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا آهن، جنھن کانپوءِ سندس توجھہ ابتدائي ارتقا ڏانھن ٿي. چارلس ڊاورن، ڊاڪٽر الفرڊ رسل ويلاس ۽ ٻين جي ارتقا بابت نظرين کي پڙهيو ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. سائنس، مذهب ۽ تاريخ مان مليل حوالن، تجربن، ذاتي مشاھدن، ثبوتن جي بنياد تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ دنيا ۽ ڌرتيءَ تي حياتي جا جُزا ۽ عنصرن جي ردعمل ۽ گڏيل عملن جي نتيجي ۾ جيو گهرڙن (Cells) جنم ورتو هوندو. ان ريت چئي سگهجي ٿو تہ ٻين جاندارن وانگر دنيا ۾ انسان جيڪي سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهن. جاندارن جي پيدائش۽ پرورش جو بنياد پيو، بعد ۾ دنيا ۾ پکڙجي ويا. ان ريت صدين کان جنم ۽ موت جو سلسلو جاري آهي.
اهو شاھد ابڙي جي جاکوڙ ۽ حقيقتن سا لڳاءُ آهي، جو هن 16 سال محنت ڪري 22 کن ملڪ ۽ سمورو پاڪستان گهمي ارتقا ۽ ابڙو قبيلي بابت مواد گڏ ڪيو. هي انھي سلسلي جو پھريو ڪتاب آهي. باقي 8 عدد ڪتاب ترتيب ڏنا پيا وڃن، جيڪي هو الڳ الڳ حصن ۾ پڌرا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شاهد علي ”صوف“ ابڙو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


شاهد علي ”صوف“ ابڙو جا ڪتاب

سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)، مصنف : شاهد علي ”صوف“ ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌُ ارتقاءَ جي جاءِ (حصو پھريون)
مصنف : شاهد علي ”صوف“ ابڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ