مولوي عبدالرحيم مگسي

Author Name

مولوي عبدالرحيم مگسي ولد سرائي پريو خان مگسي، ڳوٺ پرئي مگسي، تعلقي دادوءَ ۾ سال 1879ع ۾ ڄائو. ڇھن سالن جي ڄمار ۾ سندس چاچي ڌڻي بخش مگسيءَ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مخدوم محمد ابراهيم عباسيءَ (ڳوٺ سيال) وٽ ويھاريو. جتي هو قرآن شريف ناظرہ پڙهيو. ان کان پوءِ مولوي غلام صديق سولنگيءَ وٽ فارسي پڙهيو. فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪري پوءِ مخدوم مولوي غلام محمد ملڪاڻيءَ وٽ عربي پڙهيو. تنھن کانپوءِ ڳوٺ رپ، تعلقي بدين ۾ درس نظاميءَ جي تعليم مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين.
مولوي صاحب کي طب جي علم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سو مولوي حڪيم ميان خير محمد جوڻيجي وٽ تعليم ورتائين. ڪجهه عرصو ڄام مراد علي خان وٽ لس ٻيلي ۾ نائب قاضي مقرر ٿيو. پر مراد علي خان جا انگريزن سان لاڳاپا خراب ٿيا، جنھن ڪري هو افغانستان هليو ويو ۽ مولوي عبدالرحيم دادو موٽي آيو. مولوي عبدالرحيم کي 1910ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ فقہ ۽ دينيات جو استاد مقرر ڪيو ويو، جتي هن 30 سالن کان علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي ۽ 1940ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن انھي دوران سڀني تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو.
هن نوڪريءَ دوران ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ حقوق الذمين، اسلامي احڪام، اسلامي تاريخ (حصو پھريون)، سيرت النبي صہ، اسلامي تاريخ (حصو ٻيو)، خلفاءِ الراشدين، اسلامي تاريخ (حصو ٽيون)، حالات بنو اميہ، اسلامي تاريخ (جلد چوٿون)، حالات بنو عباس، اسلامي تاريخ (حصو پنجون)، شاهانہ اسپين، سيرت عائشہ رضہ، ڪتاب الحج و الزيارة، اسلام جا دنيا تي احسان (حصو پھريون)، اسلام جا دنيا تي احسان (حصو ٻيو)، ناصر التفاسير، تحفة المومنات، سيرت الاصحابيات (ٽي حصا)، تعليم القران (ترجمو)، ڪتاب الزڪوات، دلائل الايمان بتفسير القران، مشاهير الاسلام، تاريخ انڊلٺ، عبدالرحيم گرهوڙي جو ڪلام، تفسير سورہ اُم، قرآن شريف جي تفسير جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ڪتاب الاخلاق، ڪتاب ال روزہ، تحفة المسلمين ۽ برگ سبز معروف الفوائد درخت نيم (فارسي) ڇپيل آهن. جڏهن تہ سندس ڪافي ڪتاب قلمي صورت ۾ اڃا بہ سندس پوين وٽ آهن.
پاڻ ٻہ شاديون ڪيون هئائين. پھرين گهر واريءَ مان ڪو بہ اولاد ڪونہ ٿيس. ٻي گهر مان 4 پٽ ۽ 5 نياڻيون ٿيس. پٽن ۾ (1) ابوبڪر مگسي سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. (2) زاهد مگسي جيڪو پروفيسر هو ۽ سنڌي اديب بہ هو، جنھن کي ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيو ويو. مولوي عبدالرحيم مگسيءَ 1943ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهہ اباڻي قبرستان پير محمد مراد ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مولوي عبدالرحيم مگسي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مولوي عبدالرحيم مگسي جا ڪتاب

مشاھير الاسلام، سنڌيڪار : مولوي عبدالرحيم مگسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مشاھير الاسلام
سنڌيڪار : مولوي عبدالرحيم مگسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ