استاد نظاماڻي

Author Name

 استاد نظاماڻيءَ جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد هاشم نظاماڻي آهي. هي 15 مارچ 1969ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي سنڌي (1993)، بي. ايڊ (2001ع) اٿس. هي سانگهڙ مان نڪرندڙ سلسليوار رسالي ’جهونگار‘ جو ايڊيٽر رهيو آهي. جنھن جا 25 پرچا ڪڍي چڪو آهي. هي نثر نويس، محقق ۽ ڪھاڻيڪار آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”حُر تحريڪ“ (2005ع)، ”جاڳ“ (رمضان راهي، اي آر آزاد ۽ امر لغاري سان گڏ استاد نظاماڻيءَ جي ڪھاڻين ۽ شاعري جو گڏيل مجموعو: 1993ع)، ”جي گهارياسين بند ۾“ (2006ع، حُر تحريڪ جي ٽن ڪردارن الھورايي بھڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻيءَ جي يادن تي مشتمل)، دفاع وطن ۾ حُرن جو ڪردار (ترتيب) ۽ جنين مرڪايو ميدان (ترتيب) شامل آهن. سندس ڪراچيءَ کان ڪالام تائين سفر نامو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو شھيد صبغت ﷲ شاهہ چيئر، شاهہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. هن وقت هاءِ اسڪول ٽيچر (H.S.T) آهي ۽ سانگهڙ ۾ رهي ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي استاد نظاماڻي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


استاد نظاماڻي جا ڪتاب

حر تحريڪ، مُرتب : استاد نظاماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
حر تحريڪ
مُرتب : استاد نظاماڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ