عزيز قاسماڻي

Author Name

نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق عزيز قاسماڻيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز ولد سرمد چانڊيو آهي. سندس جنم 16 مارچ 1971ع تي ڳوٺ جمعي خان، تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرڻ ماڇيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول قنبر مان، انٽر شاھہ لطيف ڪاليج قنبر مان، بي. اي شاھہ لطيف اورينٽل ڊگري ڪاليج قنبر مان ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ مھراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان پرائيويٽ اميدوار طور 2000ع ۾ ڪئي. عزيز قاسماڻيءَ عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور 1990ع ۾ ڪئي. بعد ۾ تعليم کاتي ۾ بيٽ هزار واهہ تي سپروائيزر رهيو. 2012ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد بيورو آف ڪريڪيولم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن گورنمينٽ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو، گورنمينٽ وومين ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻو، ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي کان سواءِ دادوءَ ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو ۽ جيڪب آباد گورنمينٽ اليمينٽري ايجوڪيشن ڪاليج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. 
عزيز کي ادبي ماحول پنھنجي والد سرمد چانڊئي کان مليو. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاري ڪئي. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر ۽ لاڙڪاڻي سان سلھاڙيل آهي. هو ٻنھي شاخن جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻين عھدن تي رهيو آهي. هي سرمد اڪيڊمي قنبر ۽ اياز ادبي اوطاق سنڌ کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين ادارن جو بنياد رکندڙ، باني ميمبر ۽ اڳواڻ رهيو آهي. هيءُ ماهوار رسالن: ‘موکي’ ڪراچي، ‘سڳنڌ’ ڪراچي ۽ ٻہ ماهي رسالي ‘قلمڪار’ لاڙڪاڻي جو بنياد وجهندڙ ۽ ماهوار رسالي ‘نئين آس’ (شھدادڪوٽ) جو جوائنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. 
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڪجهہ بہ نہ’ (ڪھاڻيون: 1999ع)، ’کيرٿر تان اُڏار’ (ڪھاڻيون: (2007ع)، ‘مان اوهان مان ناهيان’ (ڪھاڻيون: 2010ع)،  ‘شيخ اياز جي غزل جو فن’ (تحقيق: 2020ع)، ‘شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن’ (تحقيق: 2021ع) )، ‘سنڌي شاعريءَ جو فن ۽ گهاڙيٽا’ (تحقيق: 2021ع)  قابل ذڪر آهن. سندس ماسٽرس جو مونوگراف ‘شيخ اياز جي فن ۽ شخصيت’ تي آهي. پاڻ سنڌ حڪومت طرفان نان فارمل ايجوڪيشن کاتي جو ٽيچرس گائيڊ ۽ نان فارمل ايجوڪيشن نصاب ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي.
عزيز قاسماڻيءَ  کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ‘بھترين ڪھاڻيڪار اوارڊ’ (سنڌي ادبي سنگت قنبر: 2011ع)، ‘محسن ڪڪڙائي اوارڊ’ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ (2014ع) قابل ذڪر آهن. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عزيز قاسماڻي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


عزيز قاسماڻي جا ڪتاب

ڪجهہ بہ نہ، مصنف : عزيز قاسماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪجهہ بہ نہ
مصنف : عزيز قاسماڻي
شيخ اياز جي غزل جو فن، مصنف : عزيز قاسماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شيخ اياز جي غزل جو فن
مصنف : عزيز قاسماڻي
شيخ اياز ۽ منظرنگاريءَ جو فن، مصنف : عزيز قاسماڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شيخ اياز ۽ منظرنگاريءَ جو فن
مصنف : عزيز قاسماڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ