آدرش
شاعر، ڪالم نگار، خاڪا نويس ۽ تجزيا نگار ارشاد احمد آدرش شيخ ولد علي نواز شيخ پھرين جنوري 1963ع تي شڪارپور شھر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي سياسيات جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مھر شاهہ قبو ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 2017ع ۾ هيڊ ماستر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’نظمن جو البم‘ (شاعري)، ’سپنن جھڙا نظم‘ (شاعري) ۽ ’بارش ۾ وسارڻ جھڙيون ڳالھيون‘ (شاعري نظم) شامل آهن. پاڻ هن وقت شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل